گهوٽڪي: عوامي ورڪر پارٽي جي سڏ تي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج
گهوٽڪي(رپورٽر) عوامي ورڪر پارٽي جي سڏ تي جيئي سنڌ، سنڌي ادبي سنگت ،گھوٽڪي سول سوسائٽي ،شھري اتحاد سميت دوڪاندارن پاران گھوٽڪي ۾ وڌندڙ بدامني، ڏينھن ڏٺي جو وچ شھر ۾ ٿيندڙ قتل، ڦرون، ڌاڙا ، پريا ڪماري جي بازيابي ۽ اغوائن خلاف شھرين پاران سراپا احتجاج،
گهوٽڪي کي امن کپي جا نارا بلند, گهوٽڪي جي وچ شھر ۾ ٿيندڙ قتلام, پوليس جي نااهلي, هر آئي ڏينهن ڦُرون ۽ اغوا جي وارداتن خلاف عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي گهوٽڪي جي سڏ تي زبردست احتجاج ڪيو ويو, احتجاج کي خطاب ڪندي بادل ملڪ چيو ته اسان جي شھر ۾ امن رڳو نالو رهجي ويو آھي,
هر آئي ڏينهن وارداتون ٿين پيون آئي جي سنڌ کي گهرجي ته گهوٽڪي جي حالاتن جي پاڻ نگراني ڪري, احتجاج کي خطاب ڪندي نصرالله ڪلادي چيو ته گهوٽڪي واسين کي امن گهرجي ۽ اسين امن جي لاء روڊن تي نڪتا آھيون,
احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي سکر گهوٽڪي ضلعي ۾ امن ڪرائڻ جي لاء سنجيدگي سان ڪوششون وٺن جيئن امن ٿي سگهي,
احتجاج ۾ نيڪ جسڪاڻي,محبوب گهوٽو, ناهيد ملڪ سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اپريل 2, 2024