ڦر دوران مزاحمت تي منھنجي پٽ کي زخمي ڪيو ويو: امام بخش پنھور
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو ۾ مبينا ڦر واقعي دوران پيپلزپارٽي اڳواڻ جي 3 پٽن جبران ، بخشل ۽ صبغت الله پنھور کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار، پ پ اڳواڻ امام بخش پنهور جو زخمي پٽن سميت اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خلاف احتجاج،
پ پ پ اڳواڻ امام بخش پنھور دانھيو ته دادو پوليس ڏوھ ۾ ملوث ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي ، منهنجي پٽن کي ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ڪيو ويو ،
اي سيڪشن پوليس واقعي ۾ ملوث بااثر شهمير جمالي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل نه ٿي ڪري پوليس چوي ٿي ته ڀوتار وٽ وڃي راڄوڻي ذريعي معاملو حل ڪرايو، اي سيڪشن پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ته عدالت ۾ 22.اي بي جي درخواست داخل ڪنداسين .
اپريل 1, 2024