سانگهڙ لڳ ٽنڊوآدم ۾پوليس جو مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ ٻن ساٿين سميت گرفتار
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو ٽنڊوآدم ۾ مبينه طور ڦورو گينگ سان پوليس جو مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ ٻن ساٿين سميت گرفتار،
ٽنڊوآدم بائي پاس ڀرسان گشت دوران پوليس مقابلي ۾ ڦورو ارشد خاصخيلي زخمي حالت ۾ ٻن ساٿين سميت گرفتار، 2 پسٽل، 1 ريوالور، 3 ڦر ڪيل موٽرسائيڪلون، ۽ موبائل فون پڻ هٿ، (پوليس جي پريس رليز موجب) ٽنڊو آدم بائي پاس نزد شاھنواز چوڪ وٽ گشت دوران ايس ايڇ او ٽنڊوآدم غلام شبير دلواڻي ۽ سندس ٽيم جو اوچتو 4 هٿياربندن سان امهون سامهون مقابلو ٿئي پيو.
پوليس کي ڏسندي مبينه طور جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس مقابلي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 03 ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو، انهن ڦورن مان هڪ ارشد خاصخيلي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو،
جوابدارن جي قبضي مان مبينا طور 2 پسٽل، 1 ريوالور ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. ان کان علاوه جوابدارن وٽان 03 ڦر ڪيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون ۽ ٽچ موبائيل فون به هٿ ڪيو ويو،
جڏهن ته سندس هڪ ساٿي امتياز مڱڻهار اوندهائي جو فائدو وٺي پسٽل سيمت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو زخمي ٿيل ڦورو کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن. زخمي جوابدار ارشد خاصخيلي وٽان هٿ آيل موٽرسائيڪل جيڪو پنج ڏينهن اڳ محمد دائود ڇٽو وٽان ڦر ڪئي وئي هئي.
ٻين گرفتار ٿيل ساٿهين م منور منڱهار ۽ ياسر خاصخيلي شامل آھن گرفتار جوابدارن خلاف ڌاڙي، ڦر، پوليس مقابلن ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. گرفتار جوابدارن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ٻين ضلعن مان به سندن ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.
اپريل 1, 2024