سڪرنڊ: مغوي پريا ڪماريءَ جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنگرار مان اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماريءَ جي آزاديءَ لاءِ ھندو پنچائت، شهري اتحاد ۽ سول سوسائٽي سڪرنڊ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شريڪ سوين ماڻھو سنڌ جي نياڻي پريا ڪماريءَ کي آزاد ڪريو جا نعره هڻندا قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي پهتا جتي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 ان موقعي تي هندو پنچائت جي اڳواڻن مکي ڪشن ڪمار، پپو سونارو، گوبند رام، شهري اتحاد جي صدر سيد احسان شاه، پ پ اڳواڻ حاجي علي نواز چانڊيو، سابق وائيس چيئرمين نور احمد لاکو، ايس ٽي پي جي حسين بخش ڪيريو،

مسلم ليگ ن جي امجد خانزاده، ايس يو پي جي ايوب کوسو، پ ٽ الف جي ارباب علي پرهياڙ، سماجي اڳواڻ فهميده ڪيريو، ماڻڪ ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته معصوم نياڻي پريا ڪماري ظالمن جي چنبي ۾ آهي،

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت توڙي طاقتور ڌريون کيس آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن. هنن چيو ته پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آهي ۽ سڄي سنڌ مطالبو ٿي ڪري کيس آزاد ڪري مائٽن جي خالي جهولي آباد ڪئي وڃي،

ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جا روڊ شهر بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو. مظاهري کي شوڪت ڪيريو، ارباب سولنگي، عبدالرشيد پرهياڙ، نثار احمد سولنگي، لياقت خانزاده سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.

مارچ 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو