ٺٽو: جھرڪ لڳ ٻيلي ويران ۾ پيرسن پاران زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج
ٺٽو (نظير احمد قريشي) جھرڪ لڳ ٻيلي ويران ۾ پيرسن جي ليز واري زمين تي بااثرن قبضو ڪري ورتو، ٻيلو کاتو بہ ٻٽ بڻيل، پوليس بہ ڪا داد فرياد نہ ڪئي، پيرسن جو ٺٽي ۾ احتجاج، انصاف جو مطالبو.
ان سلسلي ۾ جھرڪ لڳ ٻيلي ويران جي رھواسي پيرسن صادق چانگ ٺٽي ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانھيو تہ ھُو ابن ڏاڏن کان ٻيلي کاتي جي 60 ايڪڙ زمين ليز تي حاصل ڪري آباد ڪري رھيا آھيون،
جنھن جون سموريون ليزون پڻ موجود آھن پر گذريل ڪجھ سالن کان بااثر اسان جي زمين تي قبضو ڪري اسان کي بيدخل ڪري ڇڏيو آھي.
ھن الزام ھڻندي چيو تہ 2015ع ۾ اومني گروپ پاران مقامي بااثر ماڻھن علي ڏنو عرف الھبخش کوسو، سندس پٽن تاجو کوسو، ڪامران کوسو، علي کوسو، وڏيرو گلزار چانگ، حاجي علي حسن چانگ ۽ ٻين ٻيلي کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري منھنجي زمين جي ليز ختم ڪري زمين بااثر حوالي ڪئي وئي
۽ منھنجي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، ٻيلي کاتي جي اھڙي عمل خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ۽ ھاءِ ڪورٽ منھنجي حق ۾ فيصلو ڏيندي زمين جي ليز اسان کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو،
جنھن بعد اسان سان انصاف نہ ڪيو ويو. ھن چيو تہ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مرحوم اعجاز شاھ شيرازي ۽ ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي پڻ 2 ڀيرا مذڪورہ زمين بابت فيصلو ڪيو آھي
پر بااثر ڪوبہ فيصلو مڃڻ لاءِ تيار ناھن. ھن چيو تہ ڪجھ ڏينھن بااثر ماڻھو زبردستي منھنجي زمين ۾ ٽريڪٽر ھلائي کيڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
اطلاع تي پھتاسين تہ اسان جي مٿان حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جتان اسان جان بچائي جھرڪ ٿاڻي تي پھتاسين تہ ايس ايڇ او اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ھن چيو تہ قبضا مافيا انتھائي بااثر آھي جن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، اسان جي ھارين کي بہ ڌمڪايو پيو وڃي.
ھن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزيراعظم پاڪستان، آرمي چيف، وزيراعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرائي کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
مارچ 28, 2024