دادو لڳ مسمات حرمت برهماڻي پاران  پٽ سميت پنهنجي ڀاءُ خلاف احتجاج

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )  دادو لڳ ڳوٺ احمد خان برهماڻي جي رهواسڻ مسمات حرمت برهماڻي  پٽ سميت پنهنجي ڀاءُ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھيو ته پيءُ

جي وفات بعد ويڳو ڀاءُ ذوالفقار برهماڻي ملڪيت تي قبضو ڪري ويھي رهيو آهي مرحوم پيءُ پاران حصي ۾ ڏنل ملڪيت مان مونکي حصو نه ٿو ڏنو وڃي  والد جي زرعي زمين مان 10 جريب ۽ 2 ڄڳھيون حصو گهرڻ تان ڀاءُ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، گذريل ٻن سالن کان پوليس ۽ ڊي سي آفيس جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان پر پوليس ۽ روينيو انصاف نه ڪيو آهي،

هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڀاءُ خلاف ڪاروائي ڪري زمين ۽ جڳهين مان حصو ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال احتجاج ڪندس.

مارچ 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو