ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران ڏوڪري جي جيسر هال ۾ کليل ڪچهري منعقد

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو پاران ڏوڪري جي جيسر هال ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي.کليل ڪچهري ۾ موجود ماڻهن ايس ايس پي اڳيان پوليس جي شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا،

کليل ڪچهري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانہ ميراڻي،ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي چونڊيل چئرمين ۽ چيمبر آف ڪامرس اڳواڻ عبدالحميد جيسر،اڳوڻي ٽائون چيئرمين لياقت علي سومرو، پ پ تعلقي انفارمیشن سيڪريٽري ايڊووڪيٽ محمد جمن ٻگهيو، علي بخش ميتلو، مظهر گلال، انجنيئر وقار احمد سومرو، ڏوڪري پريس ڪلب جي صدر اطهر سنديلو،

نائب صدر فدا حسين ابڙو، نائب صدر زبير زار منگي، جنرل سيڪريٽري صدام حسين ٻگهيو، صحافي منظور ميراڻي، قاضي آفتاب احمد، علي اصغر ميمڻ، قاضي فريد، قاضي نياز حسين، قاضي سهيل احمد، اطهر سنديلو، وحيد ڳاهو، عبدالجبار ميمڻ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

شھرين ايس ايس پي اڳيان ڏوڪري ٿاڻي سميت تعلقي جي ٻين ٿاڻن جي حدن ۾ ڦرن، چورين، منشيات، زمينن تي ٿيندڙ مبينا قبضن سميت شهر ۾ هلندڙ سماجي براين پوليس چوڪين تي گهٽ نفري جا انبار آڏو رکي ڇڏيا.تعلقي ڏوڪري اندر بند ٿيل پوليس پڪٽون بحال ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي

 ان موقعي تي ايس ايس پي مير روحل کوسو پاران ڏوڪري ۽ ٻين ٿاڻن کي جلد اضافي پوليس نفري ڏيڻ جو اعلان ڪيو.ڏوڪري شهر جي مختلف پاڙن ۽ چوڪن تي رات جي وقت اهلڪار مقرر ڪرڻ ۽ ايس ايڇ اوز کي رات جي وقت گشت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

 ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عوام جا خادم آهيون ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ پوليس جو بنيادي ذميواري آهي.هن چيو ته ڏينهن جو عوام جي ڪاروبار جو تحفظ ۽ رات جي وقت عوام کي بي خوف ٿي آرام ڪرڻ جي بہ هنن مٿان ذميواري ۽ فرض آهي.

فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن توڙي اهلڪارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نہ ڪيو ويندو.هن چيو ته امن امان کي بحال رکڻ لاء شهرين تي بہ فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پوليس سان تعاون ڪن تہ جيئن ڏوهن تي ضابطو آڻي ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سگهجي.

 ايس ايس پي شهر مان چوري ٿيندڙ موٽر سائيڪلون جلد مالڪن کي واپس ڪرائڻ جو به واعدو ڪيو.کليل ڪچهري ۾ ايس ايس پي سان ڊي ايس پي ڏوڪري اسرار احمد بروهي، ايس ايڇ او ڏوڪري عبدالوهاب مسڻ، ايس ايڇ او باڊھ عبدالغفور ڇٽو، وڏو منشي غيور عباسي، رجب سيال، رستم جروار ۽  ٻيا موجود هئا.

مارچ 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو