حملو ڪندڙن خلاف  ڪيس داخل ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي: رفيق ميراڻي/ توقير ميراڻي

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) شهر جي نجم ڪالوني جي رهواسي ڀائرن  رفيق ميراڻي ۽ توقير ميراڻي دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرسن ڪندي چيو ته اسان جا مخالف عاطف مستوئي، خادم مستوئي،رضا مستوئي،وقار مستوئي مٿان اسان جو ڪيس داخل ھو

جنھن ۾ اسان جو ننڍو ڀاءُ زخمي ٿيو ھو ان جو ڪيس دادو جي عدالت ۾ ھلندڙ آھي ان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي ڌمڪيون ڏئي گارگند ڪرڻ بعد جھيڙو ڪيو ۽ اسان مٿان فائرنگ ڪري گاڏي ۾ پيل ساڍا 11 لک روپيا،

 ڪار جي چاٻي ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آهن،مخالف ڪجھ مهينا اڳ اسان جي ننڍي ڀاءُ امير ميراڻي کي تشدد ڪري ھن جا ڏند ڀڳا هئا جنهن جو ڪيس دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي 3 جوابدارن  مٿان داخل ٿيل آهي ان ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ هر روز مخالف اسان کي ڌمڪائين ٿا ۽ گارگند ڪن ٿا،

گذريل رات انهن اسان جي مٿان سڌي فائرنگ ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،هنن ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته اسان تي حملو ڪندڙن خلاف  ڪيس داخل ڪري ڦرٿيل رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، اسان پلاٽن ۽  پولٽري جو ڪاروبار ڪندا آھيون.

مارچ 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو