مظھر ابڙو خوبصورت ڪھاڻيڪار ھو: مشتاق ڦلپوٽو
سکر( بيورو رپورٽ )سپلا سکر ريجن جي صدر پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو ، پروفيسر محمد سانول گھوٽو، پروفيسر غفران الله بلوچ، پروفيسر لعل بخش ڪلھوڙو، پروفيسر الطاف حسين کھڙو ، پروفيسر شمس الدين ساريو، پروفيسر اظھار مھر ، پروفيسر زينب فاطما، پروفيسر ملھار سنڌي ۽ ٻين پنھنجي گڏيل پريس بيان ذريعي ناليواري ڪھاڻيڪار، سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور ميرس جي نامور پروفيسر مظھر ابڙي جي المناڪ وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آھي تہ مظھر ابڙو خوبصورت ڪھاڻيڪار ۽ فرض شناس استاد ھو سندس لاڏاڻو سنڌي ادب لاء ھاڃيڪار آھي ھنن وڌيڪ چيو آھي تہ سندس مغفرت لاء ڌڻيءَ در دعاگو آھيون.
مارچ 25, 2024