ڀارت ۾ مسلمان ڪٽنب سان بدسلوڪي تي سوارا ڀاسڪر آواز اُٿاري ڇڏيو

Spread the love

ممبئي( ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سوارا ڀاسڪر هولي جي موقعي تي مسلمان خاندان سان بدتميزيءَ تي آواز اُٿاري ڇڏيو.
بالي ووڊ اداڪارا بجنور جي مسلمان خاندان سان ايڪي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هندو تهوار رڳو اهڙن جٿن لاءِ آهن جن لاءِ ڪو ظابطو يا قانون نه آهي.
ياد رهي ته هولي جي تهوار تي هندو انتهاپسندن جي مسلمان خان دان سان بدتميزيءَ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن تي پاڪستان توڙي ڀارت جي اهم شخصيتن ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.

مارچ 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو