سڪرنڊ: ڊوائيز مافيا پاران مستحق عورتن جي وظيفي مان ڪٽوتي جو سلسلو ھلندڙ

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ  سميت مختلف علائقن ۾ ڊوائيز مافيا پاران مستحق عورتن جي وظيفي مان غيرقانوني ڪٽوتي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو .

 ڪٽوتي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي ان سلسلي ۾ گذريل هڪ هفتي کان هلندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي مان ڊوائيز مافيا پاران غيرقانوني طور مستحق عورتن جي هلندڙ قسط مان هڪ هزار کان 2 هزار روپيا ڪٽوتي وارو عمل رڪجي ناهي سگهيو

جڏهن ته ڪٽوتي جون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا توڙي ميڊيا ۾ خبرون هلڻ باوجود  پر ان باوجود به  سڪرنڊ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي  دڪانن تي پڻ سوين مستحق عورتن جي رش لڳل آهي

جنهن ڪري عورتن جي تذليل پڻ ٿي رهي آهي ان حوالي مستحق عورتن جو چوڻ آهي ته ڊوائيز مافيا پاران غريب مستحق عورتن جي آيل وظيفي مان غير قانوني طور تي هڪ هزار کان ٻه ھزار ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڊوائيز مافيا وارا  سرعام پوليس جي سرپرستي ۾ ڪٽوتي ڪن ٿا جڏهن ته احتجاج ۽ دانهون ڪرڻ تي ڪارڊ بند ڪرڻ سميت گار گند ڪن ٿا

هڻن چيو ته انهن سان مبينا انتظاميا ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪارروائي ڪرڻ جو نالو ئي ناهي. ڊوائيز مافيا ڪٽوتي جي شڪايتن  رلائي رهيا آهن . هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جلد ازالو ڪيو وڃي.

مارچ 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو