سيوھڻ جي غلام رسول محلہ جو ٽرانسفارمر گذريل ڪيترن ڏينھن کان خراب، شھري پريشان
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي غلام رسول محلہ جو ٽرانسفارمر گذريل ڪيترن ڏينھن کان خراب، سيوھڻ واپڊا جي عملدارن کي ڪيترا چڪر شھرين فون ڪري شڪايتون ڪيون آھن
پر سيوھڻ جي واپڊا جي عملدارن ڪوبه تدارڪ نه ڪيو، واپڊا سيوھڻ جي عملدارن غلام رسول محله سيوھڻ جو ٽرانسفارمر نه ٺھرايو ۽ غلام رسول محله سيوھڻ جا رھواسي سخت پريشان، جڏھن ته ٽرانسفارمر مان جيڪا بجلي ملي ٿي،
ان بجلي کي رڳو جھٽڪا آھن، بجلي گھٽ وڌ ٿئي ٿي، بجلي گھٽ وڌ ٿيئڻ ڪري غلام رسول محله سيوھڻ جي رھواسين جا قيمتي اليڪٽرانڪ جا سامان سڙي ويا آھن، غلام رسول محله جي رھواسين کي ھزارين روپين جو نقصان ٿي ويو آھي،
جڏھن ته غلام رسول محله سيوھڻ جي رھواسين جو چوڻ آھي، تہ اڃان ته گرميءَ جي موسم آئي ڪانه آھي ، ھينئر کان ئي غلام رسول محله سيوھڻ جو ٽرانسفارمر لوڊ برداشت نه ڪري رھيو آھي ،
واپڊا انتظاميہ سيوھڻ جا ٽرانسفارمر ھاڻي کان ئي سڙي يا خراب ٿي رھيا آھن جڏھن ته حد جو لائن مين غلام رسول محله سيوھڻ جي ٽرانسفارمر تي شايد واڌو لوڊ ڏنو آھي،
ان جي ڪري ٽرانسفارمر ۾ خرابي ٿي ويئي آھي، ڏٺو وڃي تہ پوء اونھاري جي موسم ۾ سيوھڻ جي وپڊا انتظاميہ ڇا ڪندي ، جڏھن ته رات جي وقت اونداھي ھئڻ ڪري غلام رسول محله جي عوام کي تمام گھڻي تڪليف پيش اچي رھي آھي ،
جڏھن ته ھاڻي مڇر به وڌي ويا آھن، غلام رسول محله جي رھواسين کي بجلي نه ھئڻ ڪري مليريہ ٿيئڻ جو خدشو وڌي ويو آھي،خدارا ڪجھ احساس ڪيو ، سيوھڻ جي غلام رسول محله جو ٽرانسفارمر جلد ٺھرائي ڏيو،
سيوھڻ جي غلام رسول محله جي رھواسين ايگزيڪيٽو انجنيئر حيسڪو ڪوٽڙي ڊويزن ۽ ايس ڊي او حيسڪو سيوھڻ کان مطالبو ڪيو آھي تہ غلام رسول محله سيوھڻ جي ٽرانسفارمر خراب ٿيل آھي،
ان کي جلد کان جلد ٺھرائي غلام رسول محله سيوھڻ ۾ لڳرايو وڃي، ته جيئن غلام رسول محله سيوھڻ جي رھواسين جو ھي جائز مسئلو حل ٿي سگھي.
مارچ 21, 2024