عوام جي خدمت کي عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون: نوراحمد رند

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) رمضان شريف جي ڀلاري مهينو شروع ٿيڻ بعد سڪرنڊ فلاحي ڪاميٽي جي چيرمين  ۽ وارڊ ون جي چوبڊيل ڪائونسلر نوراحمد رند واران لطيف ڪالوني جي سرڪاري اسڪول جي غريب ٻارڙن جا وار پنهنجي خرچتي ٺهرايا ۽ هر سال جيان هن پنهنجي وارڊ جي 200 سئو غريب مستحق ماڻهن  عيد ڪپڙا گهر وڃي ورهايا

ان موقعي فلاحي ڪاميٽي جي چيرمين نوراحمد رند چيو ته اسان غريبن جي هر وقت خدمت ڪريون وس آهر  عوام جي خدمت کي عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون اسان بيواهن عورتن ۽ بيمار ماڻهن جو علاج پڻ ڪرايون ٿا

غريبن جا وس آهر مئسلا به حل ڪرايون ٿا  منهنجي وارڊ اڪٽر غريب ماڻهو رهن ٿا انهن جي خدمت ڪرڻ سان دل کي  سڪون ملي ٿو  ۽ غريبن جي خدمت رب ڪريم به راضي ٿئي ٿو اسان جي علائقي ۾ غربت هجڻ ڪري مان  اسڪول جي شاگردن جا وار ٺهرائيندو آهيان  ۽ پنهنجي وس آهر غريبن کي عيد ڪپڙا پڻ ڏنا آهن

 هن چيو ته اسان غربت وڌي وئي آهي سرندي وارا غريبن جي مدد ڪن هن سڪرنڊ جي چونڊيل ڪائونسلرن توڙي سرندي وارن کي اپيل ڪندي چيو ته مهانگائي عروج هجڻ غريب ماڻهو فاقه ڪشي ۾ متبلا آهن

 انهن جي مالي مدد ڪرڻ گهرجي جئين هو رمضان ڀلاري مهيني روزا رکي سگهن  انهن جي مدد ڪرڻ سان الله سائين اوهان جي مدد ڪندو.

مارچ 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو