سکر: شهرين پاران سوئي گيس انتظاميا خلاف احتجاج، سخت نعريبازي

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ) سوئي گيس انتظاميا پاران اوپن ڪورٽ جي نالي تي عوام سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف شهرين پاران انتظاميا خلاف سخت نعريبازي، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.تفصيل موجب سوئي سدرن گيس ڪمپني سکر ريجن پاران گئس صارفين کي درپيش مشڪلاتن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ کليل ڪچھري جو انعقاد ڪيو ويو

 پر جڏهن صارفين ۽ شهرين جون شڪايتون بروقت حل نه ڪيون ويون ته شهري سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ هنن سوئي گيس انتظاميا پاران عوام سان زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،

مظاهرين ۾ شامل آفتاب، سڪندر ۽ ٻين چيو ته سکر جي نيو پنڊ شهباز ڪالوني ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ آهي،

گيس پريشر جي کوٽ سبب شهري سخت پريشان آهن، گيس ناياب ٿيندي پئي وڃي پر سوئي گيس جي انتظاميا اضافي بل موڪلي شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان کليل ڪچھري ۾ ان لاءِ آياسين ته اسان جا مسئلا حل ٿي ويندا، پر هتي حساب ڪتاب ابتڙ  ٿي رهيو آهي  ۔سوئي گيس انتظاميا قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

 پر گئس جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ کانپوءِ گيس پريشر گهٽجڻ سبب گهريلو ۽ ڪاروباري سرگرميون مفلوج ٿي ويون آهن

 ۽ اسان کان مقرر ٽيڪسن جا وڌيڪ بل وصول ڪيا پيا وڃن. جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔

مارچ 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو