ڏوڪري: رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ رائيس ريسرچ سينٽر جي نان گزيٽيڊ ملازم ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي حمايت ۾ اجلاس، ريلي ڪڍي وئي. رائيس ريسرچ سينٽر جي ملازم ارشاد علي جوڻيجو، خادم حسين سومرو، عزيزالرحمان جوڻيجو، فياض حسين جوڻيجو، الھ جيارو جوڻيجو، اياز علي ڀٽي،
عابد حسين کهڙو، سيد مختيار علي شاھ، غلام رسول سومرو، فقير محمد سمون، دلبر جوڻيجو، غلام شبير سمون ۽ ٻين نان گزيٽيڊ ملازم وڏي انگ ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
جڏهن اجلاس کان بعد نان گزيٽيڊ ملازمن ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشرف علي سومرو جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي آهي. ان موقعي تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته رائيس ريسرچ سينٽر ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشرف علي سومرو اداري جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي،
اداري جا ڪجھ ماڻهو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خلاف غلط پروپيگنڊا ڪري بيلڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته اڳوڻو اسٽيٽ آفيسر سڌير پنهور اداري کي تباھ ڪندي هٿ سان چوريون ڪرايون هيون ۽ اداري ۾ بيٺل وڻ ڪٽرائي وڪرو ڪيا هئا
جنهن تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سڌير پنهور کي نئون اسٽيٽ آفيسر ارشاد دستي کي مقرر ڪيو آهي. هنن چيو ته سارنگيا يونٽ ڏوڪري ۾ ختم ٿي چڪو آهي جيڪي احتجاج ڪري رهيا آهن
انهن ۾ هڪڙو سرڪاري ملازم آهي باقي پرائيويٽ ماڻهو وٺي اداري جي بدنام ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته اڳوڻي اسٽيٽ آفيسر احتجاج ڪندڙن ۾ ٻاهريان ماڻهو گهرائي ڪيل ڪرپشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نان گزيٽيڊ ملازمن جو ٿيندڙن احتجاج سان واسطو ناهي، احتجاج ڪندڙ بليڪ ميلر آهن.
هنن چيو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشرف علي سومرو نان گزيٽيڊ ملازمن سميت اداري جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هوڏانهن ڏوڪري ۾ ڊائريڪٽر خلاف رائيس ريسرچ سينٽر جي سارنگيا يونٽ جي اڳواڻ پاران احتجاج ڪيو ويو يونٽ جي اڳوڻن غلام شبير جتوئي، احمد جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رائيس ريسرچ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪرپشن ڪري اداري کي تباھ ڪيو آهي. هنن چيو ته اداري ۾ ملازمن جي روزانو جي بيناد تي حاضري نه برابر آهي ملازم ڊيوٽي تي ناهي اچي رهيا هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي هٽايو وڃي
ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو هوڏانهن اسٽيٽ آفيس سڌير پنهور جو چوڻ هو ته منهنجو آرڊر سيڪريٽري ڪيو آهي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشرف علي سومرو مون کي هٽائي نه ٿو سگهي نه ئي هو آرڊر ڪري سگهي ٿو باقي سيڪريٽري آرڊر ڪندو ته مان چارج ڇڏيندس. هوڏانهن ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اشرف علي سومرو جو چوڻ هو ته اسٽيٽ آفيسر کي هٽائڻ تي ڪجھ عناصر پرائيويٽ ماڻهو وٺي احتجاج ڪندي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن اسان ڪنهن جي بليڪ ميل تي اچڻ وارا ناهيون.
مارچ 20, 2024