غير رجسٽرڊ گاڏين خلاف اڄ کان ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪئي پئي وڃي: شرجيل انعام ميمڻ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جعلي نمبر پليٽس ۽ غير رجسٽرڊ گاڏين جي  اڄ کان پوري صوبي ۾ سخت ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪئي پئي وڃي، ڪوبه  اثر رسوخ ۽ سفارش ڪم نه ايندي، حڪومت عوام کي پريشان ڪرڻ نٿي چاهي، بهتر آهي ته شهري ايس او پيز تي عمل ڪن ۽ پاڻ ئي شين کي ٺيڪ ڪري وٺن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي  ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته قانون سڀني لاءِ هڪ آهي، ڪوئي به قانون کان مٿانهون نه آهي. هن چيو ته لائسنس يافته هٿيار گڏ کڻي سگهجي ٿو، پر ڪو به ان جي نمائش نٿو ڪري سگهي ۽ هٿيار جي نمائش سان شهرين کي خوف ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي ٽائيگرز کي سٺي پيشڪش ڪئي آهي، هو پنهنجي جيل ڀريو تحريڪ جي تھوار کي سنڌ ۾ به سٺي طريقي سان ملهائين، کين پڪ اينڊ ڊراپ سروس پڻ فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آئي جي ايم پي ايز، پارليمينٽرين  نالا لکرائين، جيڪڏهن اسان کي نالا نٿا ڏيڻ چاهين ته ميڊيا کي ٻڌائين. هن چيو ته عمران خان مايوسي جو شڪار ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ هڪ به شخص ناهي جيڪو ھن جي اعلان تي لبيڪ چئي. صوبائي وزير چيو ته عمران خان پاڻ کي عالمي اڳواڻ سمجهي ٿو ۽ برطانيه ۽ پوري دنيا ۾ هن جا وڏا فالوورز ۽ مداح آهن ان لاءِ جيل ڀريو تحريڪ جي هڪ شروعات برطانيه مان به ڪري. هن چيو ته اتي جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات پنهنجي گهر کان شروع ڪري ۽ پنهنجي ٽنهي ٻارن کي جيل ڀريو تحريڪ لاءِ اڳتي آڻي ، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي عظيم اڳواڻ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن ملڪ کي آئين ڏنو ۽ ملڪ کي جوهري طاقت ڏني، ان جو عدالتي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ان عدالتي قتل تي سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو، پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏيڻ لاءِ وقت ناهي. جڏهن ته ننڍن ننڍن  معاملن تي فوري طور تي سوموٽو ورتو وڃي ٿو  ۽ ان جي روزانه جي بنياد تي ٻڌڻي ٿئي ٿي. هن چيو ته لاڏلن کي جتي جتي ريليف ڏيڻو ھوندو آهي ته عدالتون رات 12 وڳي ۽ آچر جي ڏينهن به کلي وينديون آهن. جنھن ۾ ڪجهه ماڻهو مصروف آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جوڊيشل ايڪٽوزم جو سڀ کان وڌيڪ شڪار بڻي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عدالت جي فيصلن تي تنقيد ضرور ڪئي آهي پر ڪڏهن عدالتن کي نشانو ناهي بڻايو. هن چيو ته ان طرح ملڪ ناهن هلندا. هي ملڪ ۾ الارمنگ صورتحال آهي. ڊيجيٽل آدم شماري جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هر ان قدم جي حمايت ڪندي، جنهن جي تحت آدم شماري جي عمل کي شفاف طريقي سان يقيني بڻايو وڃي ۽ ان معاملي تي ڪنهن سان به سياسي اختلاف ناھن.

فيبروري 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو