نون چونڊيل نمائندن کي عوامي اميدن تي پورو لھڻ گھرجي…..
ڪيترن ئي خدشن باوجود عام چونڊن جو ٿيڻ بھترين جمھوري عمل آھي، جنھن کي ساراھڻ کان سواءِ نھ ٿو رھي سگھجي. ڪيترن ئي آمريتي سازشن تحت ملڪ اندر جمھوريت کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جَس آھي انھن آئيني ادارن سميت نگران حڪمرانن کي جن پنھنجون ذميواريون احسن طريقي سان نڀايون. ھتي اسان سمورن چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي ڀليڪار چوندي کين مبارڪون پيش ڪيون ٿا. نئين چونڊيل قومي اسيمبليءَ جو اجلاس بھ مقرر وقت اندر گهرائڻ ھڪڙي آئيني ضرورت ھئي، جنھن کي پڻ يقيني بڻائيندي جهالت ۽ ڇڪتاڻ وارو تاثر پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ ائين قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جمھوريت واري سفر جي تسلسل تحت پنھنجي حصي جي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آھي، ان ڪري قوم بھ کانئن مان ملڪ جي ترقي، خوشحالي، مھانگائي کان نجات، پيٽرول جي وڌندڙ اگھن کي ضابطي ھيٺ آڻڻ، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ضرورتن جي فراھمي، سوشل سيڪٽر جي ترقي سميت ٻين موجود مسئلن جي حل لاءِ ٺوس اپائن وٺڻ جي حوالي سان وڏيون اميدون لڳائي ويٺي آھي. ھونءَ بھ اھا حقيقت آھي تھ جھڙي طرح سان اسان جو ملڪ هن وقت جن مسئلن ۽ ڏکيائين سان منهن ڏئي رهيو آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزير، پارلياماني سيڪريٽري ۽ ايوان اندر موجود حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن کي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ملڪي معيشت اندروني توڙي بيروني قرضن جي بار هيٺ دٻيل آهي، آءِ ايم ايف جون شرطون ڪجهه ٽيڪسن ۾ واڌ ۽ معاشي ڍانچي ۾ سڌارن جي نالي تي عوام جي معاشي استحصال، ڦرلٽ وارا طور طريقا استعمال ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي، اھڙي ڳنڀير صورتحال ۾ملڪ جي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ، عوام کي مھانگائي کان نجات ڏيارڻ واري جوکائتي ڪم کي پايھ تڪميل تي پھچائڻ لاءِ آئين ساز اسيمبلين کي رياستي ڍانچي ۾ رھندي محتاط قدم کڻڻا پوندا، پوءِ ۽ اھڙن کنيل حڪومتي قدمن تي عوام پاران پيدا ٿيندڙ ٽيڪا ٽپڻي لاءِ بھ اسيمبلين کي ماحول جوڙڻو پوندو. ان ڪري اسان ماضي ۾ بھ ڪيترائي ڀيرا حڪمرانن کي صلاح ڏيندا رھيا آھيون تھ رياست اندر ملڪ جي سمورن شعبن مان ماھر دانشورن تي مشتمل بااختيار“ٿنڪ ٽئنڪ” سائنسي بنيادن تحت قائم ڪرڻ گھرجي، جنھن کي ملڪ اندر عوام آزار مھانگائي جي خاتمي جو ٽاسڪ ڏئي ٺوس بنيادن تحت ان جو پائيدار حل تلاش ڪرڻ گھرجي تھ جيئن ملڪ جي شھرين کي ٻن ويلن جي ماني، تعليم، صحت جون بنيادي سھولتون ۽ سماجي بھتري واريون سھولتون سولائيءَ سان ميسر ٿي سگھن، جڏھن ملڪ جو شھري ماني جي پريشاني کان آجو ھوندو تھ يقينن اھو ملڪ جي ترقي لاءِ بھ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگھندو. ان ڪري اسان رياست جي سمورن اسٽيڪ ھولڊرن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر اھا صلاح ڏينداسين تھ ملڪ مان ڪرپشن ۽ مھانگائي جي خاتمي وارن بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي پائيدار حل ڳولڻ گھرجي.
مارچ 4, 2024