ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي تباهي، 23 سئو کان وڌيڪ فوت، هزارين مرڻينگ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 7.9 جي شدت سان آيل زلزلي سبب ڪيئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 23سئو کان ٽپي ويو آهي جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ گم آهن. ٻنهي ملڪن جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري دٻجي ويل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪاررواين جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. ترڪيه جي سئو سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي زلزلي سبب هر پاسي تباهي جا منظر آهن، خوفناڪ زلزلي سبب عمارتن کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ خوف سبب ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 7 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ترڪيه جو ڏکڻ وارو علائقو هو، جڏهن ته زمين اندر اونهائي 17.9 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جا لوڏا قبرص، يونان، شام، اردن، لبنان ۽ فلسطين ۾ به محسوس ڪيا ويا. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان زلزلي جي نتيجي ۾ 912 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ترڪ صدر جو چوڻ آهي ته مُلڪ ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 912 ٿي ويو آهي ۽ پنج هزار 183 ماڻهو زخمي آهن. سندس چوڻ هو ته 45 ملڪ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ مدد جي آڇ ڪري چڪا آهن، تازو زلزلو 1939 کان وٺي هنيئر تائين جي سڀ کان وڏي تباهي آهي. ان کانسواءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان مُلڪ ۾ خوفناڪ زلزلي کانپوءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ ايجنسي جو چوڻ آهي ته زلزلي کانپوءِ هنيئر تائين 78 آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ست سئو ڏهه عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن. ترڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ ٻه هزار 786 امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ رُڌل آهن. ٻئي پاسي زلزلي شام ۾ به تباهي مچائي آهي جتي عمارتون ڪرڻ سبب 386 کان وڌيڪ ماڻهو فوت جڏهن ته ڇهه سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. شامي اختيارين موجب زلزلي جا لوڏا شام جي صوبن، حما، حلب ۽ لتاڪيه ۾ محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.
فيبروري 7, 2023