خبر نه آهي ته ماڻهو ڪهڙي ڳالهه ۾ خوش آهن؟ انوشي عباسي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا انوشي عباسي انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن جو وزن وڌيل هو ته ماڻهن کيس ڪم ڪرڻ جو چيو ۽ جڏهن هن وزن گھٽايو ته کيس مشورو ڏنو ويو ته ٿوري وڌاءِ.
اداڪارا تازو ئي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر سوڌو وزن جي حوالي سان پاڻ تي ٿيل تنقيد تي به کُلي ڪري ڳالهايو.
هن ٻڌايو ته هوءَ ڪنهن به ڊرامي يا فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ ان جي ڪهاڻي پڙهندي آهي، جيڪڏهن ڪهاڻي سٺي هوندي آهي ته هوءَ ڪم ڪندي آهي ۽ هدايتڪار يا ٽيم کي ناهي ڏسندي.
انوشي عباسي چيو ته کيس شوبز ڪيريئر شروع ڪرڻ کان اڳ جسماني بيهڪ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هو.
اداڪارا دعويٰ ڪئي ته شوبز انڊسٽري جي ماڻهن ڪڏهن به کيس جسماني بيهڪ بابت طعنو ناهي ڏنو ۽ نه ئي وزن بابت ڪو مشورو ڏنو آهي.
هن چيو ته جڏهن هن جو وزن وڌيل هو ته ماڻهو کيس گھٽائڻ جو مشورو ڏيندا هئا ۽ جڏهن هن وزن گھٽايو ته ماڻهن هن کي چيو ته ٿورو وزن وڌاءِ.
هن حيرت ظاهر ڪندي سوال ڪيو ته خبر ناهي ته ماڻهو ڪهڙي ڳالهه ۾ خوش آهن؟

فيبروري 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو