مريم نواز ملڪ واپس پھتي، زبردست آجيان، نواز شريف جي ملڪ واپسي جو اعلان
لاهور ((ويب ڊيسڪ) ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته 3 ڀيرا ڪڍڻ باوجود اڄ به نواز شريف سڀ کان وڏو ليڊر آهي، توهان جو ۽ منهنجو محبوب قائد جلد واپس ايندو. لنڊن مان ڏيهه واپسي تي لاهور ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي هر هر ڪڍيو ويو پر هن ئي پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍيو، نواز شريف کي مهانگائي جو احساس آهي، اسان جلد معيشت کي بحال ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن سان جيڪو ڪيو، ان جي سزا فطرتي طور ملندي، عمران خان ۽ سندس ساٿين جيئن ڪيو، انهن سان به ائين ئي ٿيندو، انهن جي زندگي هاڻ روئندي گذرندي. سندس چوڻ هو ته اسان نوجوانن کي پارٽي ۾ آڻي ن ليگ کي مضبوط ڪنداسين، نواز شريف ۽ شهباز شريف اهم ذميواريون ڏنيون آهن، مڪمل پلاننگ سان آئي آهيان، پاڪستان ۽ نواز شريف گڏ هيٺ ٿيا آهن، اڳ کان وڌيڪ طاقت سان واپس ايندا. مريم نواز چيو ته قوم جي تقدير تبديل ڪرڻ تائين آرام سان نه ويهنداسين، اسان چونڊن کان نٿا ڊڄون، ن ليگ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪندي. عمران خان هاڻ سموري عمر روئڻ جي تياري ڪري وٺي. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته عمران خان کان مون ۽ نوازشريف انتقام ناهي ورتو پر هو رب پاڪ جي حساب ڪتاب جو نشانو بڻيو آهي. هن چيو ته 18 جولاءِ تي ملڪ مان نوازشريف جو واپس وڃڻ وڏو سانحو هو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران نوازشريف واپس ايندو، اوهان جو ۽ منهنجو محبوب اڳواڻ جلد اسان جي وچ ۾ هوندو. مريم نواز چيو ته ملڪ ۽ پارٽي سان واعدو ڪريان ٿي ته پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀائيندس. ملڪ کي مالي پريشانين مان ڪڍڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، جلد ئي اوهان کي ترقي ڪندڙ پاڪستان نظر ايندو. مريم نواز چيو ته مون کي ۽ نوازشريف کي احساس آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي، عمران خان جي 4 سالن جي نااهلي معيشت کي اهڙي حال تائين پهچايو آهي. تباهه ٿيل معيشت جي بهتر ۾ ڪجهه وقت لڳندو. اسحاق ڊار معيشت کي هن ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍندو. مسلم ليگ(ن) جي اڳوان چيو ته عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت ٽوڙي ۽ هاڻ پاڻ ئي روئي رهيو آهي. هو جنهن حڪومتن جي آسري خرچ هلائيندو هو اهي حڪومتون هن پنهنجي هٿ سان ٽوڙي ڇڏيون، هاڻ هو سڄي زندگي روئڻ جي تياري ڪري. شينهن چونڊن کان ناهن ڊڄندا، پنجاب ۾ وڏي اڪثريت سان کٽينداسين. مريم نواز ڇنڇر جي ٻنپهرن جو پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 264 ذريعي دبئي کان لاهور پهتي. مريم نواز نجي چينل جي صحافي سان ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته ماضي طرف ڏسندي آهيان ته ڊپ لڳندو آهي ته ڪهڙي طرح اسان کي انتقام جو نشانو بنايو ويو مان ڪنهن جي به سزا تي خوش ناهيان ٿيندي. عمران خان سياسي مخالفن سان جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي سزا کيس قانون موجب ملندي.
جنوري 29, 2023