عمران خان منھنجي ڪٽنب جي حياتي کي خطري ۾ وڌو آھي: بلاول

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽر )پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سندس پيءَ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي ڪوڙا الزام مڙهيا جنهن خلاف قانوني ڪاررائي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو لکيو ته عمران خان جي بيانن سندس والد ۽ ڪٽنب لاءِ خطرو وڌايو ۽ مُلڪي تاريخکي نظر ۾ رکندي اسان ان کي سنجيدگي سان وٺون ٿا. هن چيوته دهشتگرد تنظيمن مون کي ۽ منهنجي جماعت کي سڌو سنئون ڌمڪيون ڏنيون آهن جنهن کانپوءِ هاڻي عمران خان منهنجي پيءَ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي ڪوڙا الزام مڙهيا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته اسان عمران خان جي ساک کي ڇيهو رسائڻ ۽ خطرناڪ الزامن خلاف قانوني جواب تي غور ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ به هُن منهنجي پيءَ  جي زندگي لاءِ خطرا وڌيا هئا، هو ۽ سندس ساٿي ماضيءَ ۾ دهشتگرد جا همدرد ۽ سهولتڪار رهي چڪا آهن. هن چيو ته عمران خان  اقتدار ۾ هوندي هن دهشتگردن کي آزاد ڪيو ۽ جهموريت پسندن کي گرفتار ڪيو، هن پختونخوا کي دهشتگرد تنظيم جي حوالي ڪري ڇڏيو، سندس جماعت دهشتگرد ڌڙن کي اڄ به پئسا ڏيندي آهي، جيڪڏهن مون تي، منهنجي والد تي يا منهنجي پارٽي تي ڪو حملو ٿيو ته انهن سمورين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان اِهو الزام لڳايو آهي ته منهنجي خاندان جا هڪ دهشتگرد تنظيم سان رابطا آهن ۽ اسان کيس نقصان پهچائڻ لاءِ پئسا ڏنا آهن. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته انهن الزامن ۾ ڪو منطق ناهي ۽ اهڙن بيانن اسان لاءِ وڌيڪ خطرو وڌائي ڇڏيو آهي.

جنوري 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو