رائيٽرس ۽ ريڊرس ڪيفي جو انور پيرزادي تي ڪرايل يادگار پروگرام

Spread the love

زرار پيرزادو

¨ سال 2024ع جي هن جنوري کي انور پيرزادو اڪيڊميءَ انور پيرزادي جو مهينو ڪري ملهايو ۽ اڳتي به ملهايو ويندو، ان ڪري به جو جنوري مهيني ۾ ئي انور صاحب جنم ورتو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

¨ هن مهيني انور پيرزادو اڪيڊميءَ پس منظر ۾ رهي ڪري ٻه پروگرام ٻين ادارن کان ڪرايا. پهريون پروگرام ورسي جي حوالي سان آرٽس ڪائونسل ڪراچي پاران ڪرايو ويو. 12 جنوري تي وري انور پيرزادو اڪيڊميءَ محمد علي پٺاڻ  جي انور پيرزادي جي شخصيت تي لکيل سوانحي ڪوتا ناول ”منهنجو ڏک“ جي مهورتي تقريب ڪرائي، ان کانپوءِ ان عنوان تحت نوجوانن سان پروگرام ڪيو ويو  ته ”انور پيرزادي کي نوجوان ڪيئن ٿا ڏسن ۽ سمجهن“ ان پروگرام جا خاص مقرر نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون.

¨ ۽ آخر ۾ 25 جنوري تي انور پيرزادي جي سالگرهه جي مناسبت سان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي رائيٽرس اينڊ ريڊرس ڪيفي طرفان انور پيرزادي جي ياد ۾ پروگرام ڪرايو ويو.

¨ رائيٽرس اينڊ ريڊرس ڪيفي اصل ۾ ترقي پسند اديبن جي هفتيوار گڏجاڻين  ۽ پاڻ ۾ ملڻ جلڻ جو هڪ خوبصورت آستانو آهي. اهي هفتيوار گڏجاڻيون هر جمعي تي جوش مليح آبادي جي نالي قائم ٿيل لائبريري ۾ ٿينديون آهن جنهن جي آرگنائيزر اردو نثري نظمن جي نامياري شاعره تنوير انجم آهي.

¨ ان آستاني تي اهو پروگرام ڪرائڻ جو مقصد  اهو هو ته انور پيرزادي جي شخصيت ۽ سندس فڪر سان ترقي پسند غير سنڌي حلقي کي وري جوڙجي. ان مقصد تحت ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، سليم ميمڻ، شير مهراڻي، حوري نوراني ۽ امر پيرزادي، انور پيرزادي جي گهڻ رخي پاسن، سندس شخصي، سياسي، انقلابي، ادبي، صحافتي، سماجي ۽ تحقيقي مورچن تي ڪيل ڪمن ۽ جدوجهد تي روشني وڌي.

¨ پروگرام جي شروعات ۾ ميزبان امر پيرزادي، انور صاحب جو مڪمل تعارف پيش ڪندي اردو جي ترقي پسند حلقي کي ٻڌايو ته انور پيرزادي هر دور ۾ سماجي تبديلي لاءِ مختلف شعبن جا فارميٽ استعمال ڪيا ۽ عملي طور پنهنجي ڳوٺ کي پنهنجن آدرشن جو رول ماڊل بڻائي ڏيکاريو جنهن کي ”لٽل ماسڪو“ چيو ويندو آهي.

¨ انور پيرزادي جي شاعراڻي مقام بابت ڳالهائيندي امر نامياري شاعر امداد حسيني جو حوالو ٻڌايو ته هو جديد سنڌي شاعري جي معيار کي شيخ اياز کان انور پيرزادي واري دور تائين سمجهندو هو. هن ٻڌايو ته شيخ اياز، شمشمير، امداد ۽ تنوير جي هوندي انور پاڻ کي ماڊرن ۽ ٽرينڊ سينٽر شاعر طور مڃرايو هو.

¨ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ اردو حلقي کي ٻڌايو ته اسان انور صاحب جي تحريرن کي ڪنهن گائيڊ لائين کان گهٽ ناهيون سمجهندا. هن چيو ته سندس ڪتاب ”متان وساريو“ جو هڪ هڪ ڪالم پي ايڇ ڊي جو موضوع ۽ خاڪو آهي. هن چيو ته ڀٽائي جي شاعري جي هن جديد سائنسي طرز تي تشريح ڪري پاڻ کي ڀٽائي جو ترقي پسند شارح طور مڃرايو.هن  چيو ته انور جي تحريرن جا خاص موضوع سنڌ، مهين جو دڙو ۽ ڀٽائي هيا.

¨ سليم ميمڻ، انور صاحب تي لکيل امر جي سوانحي ڪتاب ”بابا“ کي اردو ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته ان سان انور جي شخصيت، ڪم ۽ فڪر کي وڌيڪ پذيرائي ملندي. انور  پيرزادو مهين جي دڙي جي تهذيب جو عظيم انسان هو ڄڻ ٻيو ڪنگ پريسٽ هو. هن ٻڌايو ته  انور سوشلسٽ خيالن جو هو، انتها پسندي ۽ بنيادي پرستي جي سخت خلاف هوندو هو. سنڌ جي حقن جي حوالي سان انتهائي جذباتي موقف رکندو هو. هن ٻڌايو ته مون انور پيرزادي کي سندس ڀرپور جواني ۾ ڏٺو، مون اهڙو حسين مرد ڪڏهن ناهي ڏٺو. جيڪڏهن هو صحافي ۽ اديب نه هجي ها ته يقينن فلمي دنيا جو ڪو مشهور هيرو هجي ها. هن ٻڌايو ته انور معيار  جي علامت هو جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهندو هو ته ان کي اهڙو ئي حسين بڻائي ڇڏيندو هو. جهڙو هو پاڻ هو.

¨ ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ ٻڌايو ته  مونکي فخر آهي ته مون انور کان ڪافي پراجيڪٽن تي ڪم ڪرايو جن ۾ سنڌو درياهه جو مطالعاتي سفر، رني ڪوٽ جي ماپ ۽ سنڌ گزيٽر شامل آهن. هن ٻڌايو ته انور ۾ محب وطن هئڻ واريون سڀ خوبيون هيون. ماڻهن کي ڪيئن جوڙجي انهن کان ڪيئن ڪم وٺجي اهو هنر انور ڄاڻيندو هو. هن ٻڌايو ته مونکي اڄ به ان ڳالهه تي حيرت ٿيندي آهي ته ڪنهن هڪ ماڻهوءَ ۾ ايتريون صلاحيتون ۽ خوبيون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن جيڪي انور ۾ هيون.هن ٻڌايو ته انور جي اولاد به پنهنجي پيءُ تي مثالي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي ۽ سندس نقش قدم تي هلندي پنهنجي پنهنجي ادبي، صحافتي ۽ علمي سڃاڻپ ٺاهي آهي.

¨ آئڊيئنس ۾ اردو حلقي جي مختلف شعبن سان سلهاڙيل شصيتن سان گڏ وڏي تعداد ۾ نامياريون سنڌي شخصيتون محمد علي پٺاڻ، پروفيسر اعجاز قريشي، گل محمد منگي، شهناز راهو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، ڊاڪر محمد حسن پيرزادو، حسن پٺاڻ، ملڪه، سبينه شهباز، ڊاڪٽر ياسمين قاضي، زينت احمد  ۽ زيد پيرزادو موجود هيا، جن سوال به پڇيا ۽ پنهنجا ڪمينٽ به ڏنا. پروگرام ۾ سنڌو پيرزادي جا انور صاحب جي شاعري تي ڪيل اردو ترجما پڻ پڙهي ٻڌايا ويا.

¨ ترقي پسند اردو حلقي جي نمائندگي ڪندڙ مقرر حوري نورانيءَ ٻڌايو ته انور سان منهنجو تعلق جذباتي به هو ته سياسي به. اهو آئيڊيل ازم ۽ رومانٽڪ دور هو پر انور ته سڄي ڄمار آئيڊيلسٽ ۽  رومانٽڪ رهيو. هن  چيو ته ادب جي حوالي سان اسان هميشه آصف فرخي کان تصديق ڪرائيندا هياسين پر سنڌ جي حوالي سان هميشه انور کان پڇندا هياسين. هن چيو ته منهنجي اها خوشقسمتي آهي جو صحافتي تنظيم سفما طرفان جڏهن 2006ع ۾ ڀارت جو دورو ڪيو ويو ته ان وفد ۾ انور ۽ مان به شامل هياسين. اتي به انور ڇانيل هو ۽ هن اتي سنڌو درياهه ذريعي ڀارت سان ٻيڙين ذريعي ڪاروبار ڪرڻ جي انوکي تجويز پيش ڪئي جنهن کي ڀارت ۾ وڏي پذيرائي ملي هئي.

¨ ان موقعي تي نصرت عظميٰ ڳالهائيندي چيوته مان پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ٿي سمجهان، بس اوهان رڳو اسان کي پاڻ سان گڏ کڻي هلو. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته سنڌي ٻولي به سکون ۽ ترجمي بدران پاڻ سڌو سنڌي ڪتاب پڙهون.

¨ آخر ۾ رائيٽرس اينڊ ريڊرس ڪيفي جي منتظم تنوير انجم چيو ته هن ڪيفي جو اصل مقصد به  اهو ئي آهي ته ملڪ جي قومي ٻولين ۽ قومن کي پاڻ ۾ ملائڻ جي شعوري پل تعمير ڪجي، انور پيرزادي تي ٿيل هي پروگرام پڻ ان سلسلي جي هڪ يادگار ۽ ڪامياب ڪڙي ثابت ٿيو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن پروگرام ۾ جڏهن ترقي پسند اردو حلقي جي نمائندگي ڪندي تنوير انجم، حوري نوراني ۽ نصرت عظميٰ، جڏهن انور پيرزادي ۽ هن پروگرام تي ڳالهائي رهيون هيون ته ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ وري غير سنڌي ترقي پسند ادبي حلقن کي انور پيرزادي سان ملائڻ جو اهتمام ڪيو ويو هجي جن سان هن ڪراچي ۾ ترقي پسند تحريڪون هلايون ۽ 1986ع ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ٿيل گولڊن جوبلي ڪانفرنس وغيره جهڙا يادگار پروگرام ڪرايا.

جنوري 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو