رسول بخش پليجو، انقلابي سنگ تراش
ذوالفقار راڄپر
اوهان مان گهڻن ماڻهن کي قمبر شهر جي غيبي ديرو، شهدادڪوٽ روڊ تي قبرستان ۾ مارڪس جي محبوبه جهڙي جيني عرف زاهدا شيخ جي انقلابي قبر مٿان ڳايل ويٽنامي روسي انقلاب جهڙن ڪردارن جي انقلابي راڳن جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، جنهن جي ڀر ۾ هن جي ۽ ڊاڪٽر اعجاز شيخ جي والد جي قبر ۽ ڊاڪٽر نظير شيخ، ڊاڪٽر بخت جمال ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ، صحبت ٻرڙو جي والد ۽ انقلابي دانشور ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جون قبرون ضيا الحق جي فوجي آمريت جي دور جي عوامي تحريڪ سنڌي هاري تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ انهن جي والدين جدوجهد جي نتيجي ۾ پنهنجن جوان اولاد جي بغاوتن جي ڏوهه ۾ رياستي عتاب برداشت ڪيا.
فوجي عدالت پاران لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال جي شاگرد ڊاڪٽر محبت ٻرڙو کي ٻڌايل سزا، روپوشي ۽ انقلابي تحريرن جا داستان ۽ ذوالفقار ڀٽو کي جرنيلن جي عدالت پاران ڏنل ڦاهيءَ ۽ آمريت خلاف هليل عوامي هلچل ۾ قمبر جهڙي جاگيردارانه ماحول جي ريتن رسمن کي پيرن هٿان لتاڙي جن اسڪولي شاگردياڻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري سڄي شهر ۾ آمريت خلاف بغاوت جا نغارا وڄائي اڀ ڏار نعريبازي ڪري پسمانده قبائلي ذاتين جي گهرن ۾ قيد عورتن ۽ انهن جي هوٽلن تي ويٺل مردن جي دلين ۽ دماغن ۾ مستقل لاءِ گندرف ڀريو هو.
ان بغاوت واري احتجاج ۾ قمبر شهر جي شيخ ذات جي سرواڻ زاهدا شيخ ۽ ميتلو خاندان جون باغي عورتون ۽ ٻيون شاگردياڻيون به شامل هيون. قمبر جي ڀر ۾ قبائل پرست دنيا جي بگڙيل ڪردار روضي چانڊيو، هاري حمزو چانڊيو، عبدالله چانڊيو، عبدالقدوس چانڊيو، صلاح چانڊيو ڪامريڊ منان چانڊيو، مصطفي چانڊيو، سرتاج چانڊيو ۽ ٺٽو، بدين، ٿر جي علائقن ۾ ممتاز نظاماڻي، فاطمه پليجو، حور پليجو، ڏاڏا قادر رانٽو، ماما عارب ڪيڙانو، حڪيم هاليپوٽو، حسن علي ٻپڙ، وسند ٿري، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ماما رسول بخش بروهي، نور بانو ملاح، سنڌو ملاح، عمره سمون، ارباب آگاڻي وغيره وغيره جهڙن روسي چيني ويٽنامي انقلابي ڪردارن کي تراشڻ ۽ ٺاهڻ پويان سنڌ جي ڇهن ستن صدين جي تاريخ ۾ پيدا ٿيل هڪڙي غير معمولي نرالي جديد سائنسي بنياد تي پيدا ٿيل مارڪس، اينگلس، لينن، مائوزي تنگ، هوچي منهه جي تسلسل عظيم انقلابي سماجي سائنسدان وطن دوست پورهيت اڳواڻ رسول بخش پليجو جي سنڌي پسمانده سماج جي تاريخي طور ماريل منجهيل ماڻهن منجهان انقلابي ڪردارن کي تراشڻ ۽ ٺاهڻ جو ڪمال آهي.
جيڪڏهن ڪنهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ حمزو هاري جي تقرير ٻڌي هوندي يا ڊاڪٽر قاضي غفار جي انقلابي سرگرمين ۽ چانڊين ۾ بي باڪي سان هاري تحريڪ جي ڪيل سرگرمين، ذاتي قربانين جو مشاهدو ڪيو هوندو، يا جن سکر کان ڪراچي تائين نٽهڻ اس ۾ سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙن ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڪيل پنڌ ۽ سندس ماسڪو ۾ ڪيل تقريرن کي ٻڌو هوندو، يا وري فاطمه پليجو جي پهرين ٻار جي پيدائش بعد سخت گرمي ۽ مڇرن ۾ ڳوٺن ۾ وڃي عورتن ۾ انقلابي ڪم ڪرڻ، ادي حور پليجو جي انقلابي پنڌن، ٿر جي ڀيل باگڙين، مينگهواڙن ۾ پيدا ٿيل انقلابي ٻارڙن، ٻارڙين، عورتن نوجوانن، ٻڍن جي للڪار ڪندڙ ڪردارن جي تخليق ڪو اتفاقي عمل نه پر انهن جو هڪڙو خلقڻهار رسول بخش پليجو ئي هو، جنهن جي اها به خواهش هئي ته ڪاش عوامي تحريڪ جي صدر ڪا عورت هجي ۽ اها به ڪا ميگھواڙ، ڀيل ۽ باگڙي هجي.
جيڪڏهن استاد محترم رسول بخش پليجو صاحب زنده هجي ها ته شايد ٿر جي مسڪين عورتن مان ڪو اهڙو ڪردار تراشي وجهي ها. جيڪڏهن سنڌي ادب ۾ سياسي انقلابي تحريڪ جي تعليم ۽ وابستگي هجي ها ته انهن ۽ اهڙن ٻين انقلابي قيادت ۽ تنظيمي جدوجهد دوران سنگ تراش ٿيل ڪردارن تي ڪو ميڪسم گورڪي جي ماءُ ۽ چيني ادب جي نوجوانن جو گيت جهڙو ناول، ويٽنامي ڪهاڻين، شاعري ۽ جي ماريا نه موت جهڙو عالمي ادب لکجي چڪو هجي ها، پر سنڌي ادب جي اکين ۾ اها طاقت پيدا نه ٿي سگهي جو اها انقلابي قيادت جي محنت سان تراشيل شهيد فاضل راهو، جيجي زرينه بلوچ بدين جي ممتاز نظاماڻي ۽ قمبر جي قبرستان ۾ دفن ٿيل زاهدا شيخ ۽ قاضي غفار ۽ اهڙن ٻين ڪردارن تي ڪو ادب لکي سگهجي ها.
محترم رسول بخش پليجو صاحب جي اڄ 94 وين جنم ڏينهن جي موقعي تي هن جي ادب، علم، سياسي اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ ڪاميابين، جدوجهد جي فن ۾ اڻ پڙهيل هارين، شاگردن، مزدورن، ٻارن ۽ عورتن کي هزارن ۽ لکن جي تعداد کي نج عالمي سائنسي بنيادن تي جدوجهد جي ميدان ۾ آڻڻ هڪ وڏو ڪارنامو هو ۽ سنڌ جي عوام کي سنڌي چيانگ ڪائي شيخ ۽ وڏيرڪي جمهوريت جي بتن کي نظرياتي طور هيٺ پٽ تي ڪيرائڻ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي سماجي انقلابي ايجاد به اهم تاريخي ڪارنامو آهي، بختاور، ڪورٽ ڪهاڻيون، انڌا اونڌا ويڄ، واٽون ويهه ٿيون، سندي ذات هجن جهڙا ڪتاب، ڪميونسٽ پڌرنامو جي مهاڳ، عالمي سياست جي مضمونن ۽ سنڌ جي مضبوط پاڻي ڪيس تي ڪتاب تيار ڪرڻ يقينن هن واحد اڪيلي شخصيت جو ئي اڪيلو ڪارنامو آهي،
پر اڄ هن جي جنم ڏينهن جي موقعي تي مان اها ڳالهه سڀني آڏو رکي آهي ته استاد پليجو صاحب انساني انقلابي ڪردار ٺاهڻ وارو هڪ سنگ تراش به هو ۽ هن پنهنجي صحبت، علم، تربيت ۽ جدوجهد جي فن مان گذرندي پنهنجن ڪارڪنن جي جيڪا سنگ تراشي ڪئي، ان مٿين ذڪر ڪيل ۽ ذڪر ۾ نه آيل ڪردار تخليق ڪيا، انهن جي سنگ تراشي ۾ قاضي غفار کان وٺي شهيد فاضل راهو تائين مدد ۽ سهڪار به حاصل ڪيو، انهن جي سنڀال ۽ حفاظت به ڪئي ۽ سنڌ جي انقلابي جدوجهد ۾ انقلابي سنگ تراشي مان جڙيل مجسمن ۽ ڪردارن مان ڪي ڪائناتي قانونن موجب واٽ تي هلندي ڪري ۽ ڀري به پيا، پر رسول بخش پليجو انهن جي جاءِ تي پنهنجي عالمي انقلابي سائنسي واٽ تي هلندي ڪيترائي پائيدار هن وقت به اوهان کي نظر ايندڙ چرندڙ پڙندڙ ڪردار نظر ايندا ته ڪي وري تاريخ جي ميوزم ۾ همت حوصلو ڏيندڙ ۽ ڪجهه رحم ۽ نفرت جوڳا ڪردار به موجود آهن. پر رسول بخش پليجو جي عظمت کي سلام پيش ڪجي ٿو ته هن نه رڳو سنڌ کي انقلابي سياسي ادب، انقلابي پارٽي ڏني پر هو پنهنجي انقلابي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي انقلابي ڪردار تراشڻ جو فن به ڏئي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ فقط رسول بخش پليجو جي ئي اڪيلي پارٽي آهي جيڪا سنڌ جي زمينن تي قبضن کان وٺي هر قومي حق تي آواز اٿاري پنهنجي قوم کي گڏ ڪري ٿي.
جنوري 20, 2024