ڪراچي جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي رابطا تيز ڪري ڇڏيا

Spread the love

ڪراچي(رپورٽر) پيپلزپارٽي به ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا، صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهيءَ ۾ پيپلزپارٽي جي وفد جي نون ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي، نواز ليگ جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه ميئر جي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمد شاهه چيو ته اسان ڪراچي ۾ 8 يوسيز تي ڪاميابي ماڻي آهي، ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي ۽ اسان جو گڏيل ميئر ايندو پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسان جي ترجيح آهي ته جماعت اسلامي سان گڏجي ڪم ڪريون، جماعت اسلامي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ حافظ نعيمسان ملاقات به ڪئي، جماعت اسلامي وارا چون ٿا اسان جو ميئر اچي، اسان چئون ٿا سنگل لارجيسٽ پارٽيءَ طور ميئر اسان جو هجڻ گهرجي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن دوران مبينا ڌانڌلي جو جائزو وٺڻ لاءِ جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف چار رڪني گڏيل ڪميٽي جورڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي جي ميئر واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ جماعت اسلامي جي وفد پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ۾ علي زيدي سميت ٻين پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. جماعت اسلامي جو وفد حافظ نعيم جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ آفيس پهتو، تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر بلال غفار جماعت اسلامي جي وفد جي آجيان ڪئي جنهن بعد اڳواڻن جي ملاقات ٿي. پي ٽي آءِ وفد جي قيادت صوبائي صدر علي زيدي ڪئي جڏهن ٻين اڳواڻن ۾  مبين جتوئي ۽ بلال غفار شامل هئا. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو ته فارم 11 واري معاملي تي چار رڪني گڏيل ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو آهي، گڏيل ڪميٽي فارم 11 ۽ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي وارن معاملن کي ڏسندي. حافظ نعيم چيو ته اليڪشن ڪمپرومائزڊ هو، اليڪشن جي حوالي سان اسان کي سخت خدشا هئا، جماعت اسلامي ڪراچي جو ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جائز طريقي سان کٽي ٿي ته اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، جيڪڏهن  پ پ جائز طريقي سان چونڊون کٽي ٿي ته اسان ۾ ايترو حوصلو آهي جو اسان کين مبارڪباد ڏئي سگهون ٿا. سندس چوڻ هوته مڪاني چونڊون ٿيون ۽ عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته جنهن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ان کي سموريون سياسي جماعتون تسليم ڪن، اسان چاهيون ٿا ته شهر ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي. حافظ نعيم چيو ته اختلاف راءِ باوجود جماعت اسلامي جي خواهش آهي ته اسان شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪيون، پي ٽي آءِ کي ڪراچيءَ جي ميئر لاءِ  مدد جي درخواست ڪئي وئي آهي.

جنوري 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو