سيمي ۽ سيما مسلسل جدوجهد جي علامت
عندليب گچڪي
جڏهن توهان ھوش سنڀاليو ٿا تھ خواهشون، تمنائون، اميدون توهان جي دل ۾ جاڳن پون ٿيون،توهان پنهنجي لاءِ دنيا جي بهترين سهولتن جا طلبگار ھوندا آھيو،خوبصورت ۽ رنگين خواب توهان جي خواب جي ھنج ۾ پلجن ٿا، توهانجي هڪ منزل ھوندي آهي ۽ اها منزل توهان جي اميدن جي ھوندي آھي. انهي سان گڏان منزل تي پهچڻ لاءِ توهان هڪ خواب لھو ٿا ۽ ان خواب کي پوري ڪرڻ جي لاءِ توهان پنهنجي زندگي لڳائي ڇڏيو ٿا.پوءِ توھان پنهنجي منزل طئه ڪري مطمئن ٿيو ٿا ۽ ان منزل تائين پهچڻ جي سفر ۾ جيڪي به تڪليفون ۽ ڏک سھو ٿا اھي وساري ڇڏيو ٿا.ڪنهن جي منزل آرٽسٽ بڻجڻ آهي، ڪنهن جو مقصد انجنيئر ٿيڻ آهي ۽ ڪنهن جو مقصد تعليم مڪمل ڪرڻ ھوندي آهي.
پرڪجهھ قومون دنيا ۾ايتريون بدقسمت ھونديون آهن جو انهن لاءِ اهي سڀ خواب ڏسڻ، رنگ برنگي خواهشون رکڻ ۽ پنهنجي لاءِ خود منزل جو تعين ڪرڻ به ھڪ گناهه ھوندو آهي،ايتري تائين جو توهان کي ڪيستائين جيئرو رهڻو آهي ۽ ڪڏهن مرڻو آهي. اهو بھ ڪو ٻيو ڪو ۽(الله کان سواءِ) فيصلو ڪري ٿو.توھان کي زندگيءَ ڪھڙي طرح جيئڻي آھي.
اهو سوچڻ بھ سنگين غداري ۾ شمار ٿئي ٿو. توھان ڇا سوچيو ٿا،توھان ڇا ڪرڻ چاھيو ٿا، ان جي ڪا حيثيت يا قيمت نه آهي، اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو توهان تي توھان جا وقت جا حاڪم چاھين ٿا،يعني توھان جي لاءِ ڪجهھ بھتر نٿو رهي.سڀ خواهشون، سڀ آسائشون، سڀ خواب انهن جي لاءِ ھوندا آهن ڇاڪاڻ جو اهو آقا ۽ غلام جو معاملو آهي اهو ئي توهان جي ڏينهن ۽ رات جي معاملن جو فيصلو ڪري ٿو،اهو ئي فيصلو ڪري ٿو ته توهان کي ڪيترو وقت جيئڻو آهي ۽ اهو ئي اختيار رکي ٿو تھ توھان کي ڪنھن آزاد فضا ۾ مرڻو آھي يا باندي بڻجي آخري ساھ جون گھڙيون گذارڻيون آھن.
توهان کي ڀت جي اوسار ۾ وجھي ماري ڇڏڻو آھي يا ان ويران ڪنڊي واري ٻيلن ۾ ڦٽو ڪرڻو آھي.پر ڪي غلام ڏاڍا ضدي به هوندا آهن، اهي اهو سڀ قبول نھ ڪندا آهن، انھن کي پنهنجي زندگيءَ جي ڏور پنهنجي هٿن ۾ گھربي ھوندي آھي.
جيئن قدرت سڀني کي آزاد پيدا ڪيو آھي،انھيءَ فطرت جي قانون ۾ انھن کي زندھ رھڻ جي خواھش ھوندي آھي،انھن کي اھو قبول نه ھوندو آھي ته انهن کان انھن جي حياتيءَ انهن جهڙو ڪو انسان ئي کسي وٺي ۽ جڏهن سندس جيءُ چاهي ٿو ته، انهن کان انھن جي حياتيءَ کسي انھن کي سڃ ۾ اڇلائي ڇڏي.جيڪڏھن آقا جھڙي زندگيءَ نھ سھي پر آقا ھن کي ان کان زندھ رھڻ جو حق ڦرڻ نٿا ڏين ۽ آخري وقت تائين مزاحمت ڪندا آھن.سمي به انهن مان هڪ آهي، هن کان بھ سندس قبلو زبردستي کسيو ويو آهي، هن جا سمورا خواب ڦريا ويا آهن، هن ارمان، خواهشون ۽ اھو ننڍپڻ جيڪو پيءُ جي پيار،محبت ۾ گذارڻو هو، سو کسيو ويو آهي. قدرتي زندگيءَ جون سڀئي لذتون ۽ شوخيون، هن جي پيءُ سان گڏ پابندي سلاسل ڪيون ويون آھن اھي گڏيون ۽ رانديڪا جيڪي پيءُ کي کيڏڻ لاءِ وٽي ڏيڻا ھوندا آهن ۽ جن سان کيڏندي کيڏندي ننڍپڻ کي هميشه لاءِ يادگار بڻائڻو ھوندو آھي اھو ٻالڪڻ رستن تي روئندي گذاريو آھي.تعليم، صحت، مستقبل سڀ داءُ تي لڳل آهن، نه ڪيريئر رھيو ۽ نه ئي مستقبل.
هن دور ۾ جڏهن عورتن جي بااختياريءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي،هن دور ۾ جڏهن مختلف تنظيمون ان تي ڪم ڪري رھيون آھن تھ عورت کي پڙھائڻو آھي،عورت کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ آھي، عورت کي مضبوط بڻائڻو آھي،ان سگھاري، خود مختيار ۽ معاشي طور تي آزاد عورت جي ذريعي هڪ خوشحال سماج جوڙڻو آهي.پر جڏھن ڳالهه سمي ۽ سيما جي ايندي يا انهن جهڙين هزارين بلوچ عورتن جي اچي ٿي، جن جي مستقبل، خودمختياري۽ تعليم جا حق،سڀ غصب آھن، تھ ڪھڙي طرح ھڪ آزاد، خودمختيار ۽ مضبوط سماج ڪيئن ٺهي سگھندو ؟ ڇا انهن جو حق نھ آھي تھ انھن کي بھ سٺو مستقبل ملي؟ ۽ انهن جي ذريعي سماج مستحڪم ٿئي ؟
سمي چوي ٿي ته مون وٽ پنهنجي پيءُ جي ان آخري ديدار جون يادگيريون آهن، جڏهن هو خدا حافظ ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ڏسي ھٿ لوڏي رهيو هو ۽ اها ڪيڏي ڏکوئيندڙ يادگيري آهي، ٿورو ھن جي جاءِ تي پاڻ کي رکي سوچيو، ڪيترو ڪرب، اذيت،تڪليف ۽ درد هن جملي ۾ لڪيل آهي، هڪ ٻارڙي ان در سان گڏ جوان ٿئي ٿي ۽ ان ئي درد سان هر روز ڪنهن نه ڪنهن دروازي تي ڌڪا کائي رھي ھوندي آھي ۽ هن جو رڳو هڪڙو ئي مطالبو آهي ته هن جي پيءُ کي بازياب ڪيو وڃي. ياد رهي ته اھي ماڻهو آزاديءَ جو مطالبو نھ ڪري رھيا آھن، اهي رڳو بازيابي جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ بهرحال اهو انساني حق آهي ته ڪو ڪيترو به وڏو ڏوھي ڇو نھ هجي، ان کي سندس گهرڀاتين تائين رسائي ضرور ڏني وڃي.
ٻئي طرف اها ڀيڻ سيما آهي، جنهن جي پنھنجي ھنج ۾ هڪ نياڻي آهي، اها نئين ڄاول ٻارڙيءَ به انھن ئي رستن تي وڏي ٿي رهي آهي.ان اذيت کي ڪير سمجهي سگھي ٿو ؟ اهي ئي جن مٿان اھو سڀ ڪجهه گذريو آھي. اسان ۽ توهان جيتري قدر محسوس ڪري سگهون ٿا، ڇر جن تي گذري آھي ان حد تائين محسوس ڪرڻ ممڪن ناهي.پر اهي ٻئي ڄمي بيٺل آهن، هزارين اھڙيون ڀينرون ۽ ڌيئرون آهن، جيڪي خاموشيءَ سان اھو سڀ سھي رھيون آھن،پر ھر ڪا خاموشيءَ سان نٿي سھي سگھي.الله تعاليٰ انسان کي فطرتي طور مختلف بڻايو آھي، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي منزل ماڻڻ جي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندا آهن پر پنهنجي منزل کي وڃائڻ نه ڏيندا آهن ۽ انهن جي منزل انھن جي پنهنجي پيارن جي بازيابي آھي.
سمي، سيما، ماهه نور يا ماهه زيب هزارين ٻيون ڀينرون يا ڌيئرون پنهنجي مستقل مزاجيءَ جي ڪري اڄ پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون، هنن وقت جي حڪمرانن آڏو سر جهڪائڻ بجاءِ سر کڻي ڪري جيئڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اھي پنھنجي پنھنجي حق ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ پھاڙ جي چوٽي جيان ڄمي بيٺيون آھن.سيمي ۽ سيما اڄ مسلسل جدوجهد جي علامت بڻجي چڪيون آهن.
جنوري 15, 2024