آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيل سانا ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال
قاضي اعجاز
سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا(سانا) سنڌي آمريڪن ۽ سنڌي ڪينيڊين جو سڀ کان وڏو نمائندھ ادارو آهي. جنھن جا تقريبن ڏهه هزار ميمبر موجود آھن. ھن تنظيم جو بنياد 1984ع وڌو ويو، سانا جي ڪارونھوار ھلائڻ لاءِ اداري جون جمھوري طريقي ڪار مطابق ھر ٻن سالن کان پوءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿينديون آھن. سانا جو بنيادي مقصد اتر آمريڪا ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي متحد ڪرڻ آهي ته جيئن عالمي سطح تي سنڌين خاص ڪري پنهنجي اباڻي سرزمين سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، قومي حقن جو دفاع ڪرڻ کان سواءِ ڪووڊ وبا، ٻوڏن،، سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري ۽ٻين سماجي مسئلن کي اوليتن ۾ ھميشھ رکيو آھي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ھڪ سئو گھرن تي مشتمل ھائوسنگ منصوبو شروع ڪرڻ، سانا انمول فنڊ تحت سنڌ جي نوجوان مردن ۽ عورتن کي قرض حسنه طور (1) ووڪيشنل/ واپاري تعليم ۽ تربيت ۽ (2) ننڍڙا ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍا قرضن جي فراھمي، سنڌ جي نوجوانن کي تعليمي مقصدن جي حوالي سان مختلف قسم جا ٽي اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ جنھن تحت سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي 10، آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج خيرپور جي 12، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) لاڙڪاڻو ڪيمپس جي 8 شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ ھزار ڊالرن جي مالي مدد اسڪالر شپ جي مد ۾ ڪئي پئي وڃي، جنھن تحت سانا جي سالياني بجيٽ ۾ 30 لک ڊالرن جي رقم ھر سال رکي ويندي آھي. اھڙي طرح وارين سرگرمين جي تسلسل تحت آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾“ سنڌ اندر انساني ترقي” جي عنوان تحت چھين سانا ڪانفرنس منعقد ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مشھور اقتصادي ماھر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو تھ نظام جي تبديلي لاءِ بغاوت ڪرڻي پوندي، 76 سالن کان آزاد ھجڻ باوجود ملڪ کي غربت مان ڇوٽڪاري سميت معياري تعليم، صحت ۽ بھتر سماجي اسٽرڪچر نھ ڏئي سگھيا آھيون، ملڪ توڙي سنڌ جي خوشحالي لاءِ زرعي سڌارين جي حوالي سان ڪابھ ڳالھھ ٻولھھ نھ ٿي ڪئي وڃي، جڏھن تھ 40 سال اڳ زرعي سڌارن بابت ڳالھھ ڪئي ويندي ھئي، جنھن ڪري ئي ھاري ڪاميٽي جوڙي وئي ھئي. ھن چيو تھ اسان کي فيوڊل سسٽم سان ويڙھھ ڪرڻي پوندي. ھن چيو تھ ملڪ مان غربت جو خاتمو ايسيتائين نھ ٿيندو جيسيتائين سماج نھ بدلبو. ھن چيو تھ ٻوڏ سبب تباھھ ٿيل سنڌ جي بھتري لاءِ يو اين جي امداد لاءِ اپيلون ڪيون وڃن ٿيون، پر اھي مليل مالي امداد پڻ حڪمرانن جي ڪرپشن جي ور چڙھي وڃي ٿي. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو آيل مھمانن جو ٿورو مڃيندي ڪندي چيو تھ سانا سياسي پارٽي ناھي پر دنيا اندر سنڌي ماڻھن جي گڏجڻ جو پليٽ فارم آھي، اسان پنھنجي ماڻھن لاءِ سياست نھ ٿا ڪيون پر انھن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت ڪم ڪيون ٿا. ھن چيو تھ سنڌ ۾ وڏيرڪي سسٽم کي تباھھ ڪرڻ کان سواءِ غربت جي خاتمي سميت ڪارو ڪاري، جرڳي سسٽم ۽ ٻين سماجي خرابين جو خاتمو ٿيندو. ھن چيوتھ سنڌ جي نوجوانن کي آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سنڌ جي خدمت ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ سنڌ جا سمورا مسئلا اسان جو ڪيس آھن، جن جي حل لاءِ سنڌواسين سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو. ھن چيو تھ سنڌ ۾ صفائي، سٿرائي سميت مختلف شعبن ۾ سانا پنھنجي طريقي ڪار تحت ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ سنڌ کي باشعور بڻائڻ لاءِ سانا پاران شاگردن جي تعليم جي حوالي سان مالي مدد ڪئي پئي وڃي. ھن چيو تھ سانا پاران سنڌ ۾ ھي ڇھين ڪانفرنس منقعد ڪئي پئي وڃي، جنھن جو تسلسل جاري رھندو. آمريڪا جي قائم مقام ڪائونسل جنرل ان ڪراچي جمي مولزن چيو تھ مون کي خوشي ٿي آھي تھ سانا سنڌ ۾ اچي ورڪشاپ منعقد ڪيو آھي، ھن چيو تھ آمريڪا ھميشھ پاڪستان جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آھي. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ زراعت، سي پورٽ سميت ٻين شعبن ۾ سنڌ توڙي پنجاب ۾ مختلف منصوبن تي پاڪستان سرڪار سان گڏ ڪم ڪري رھيا آھيون. ھن چيو تھ پاڪستان مان غربت جي خاتمي لاءِ ٺوس بنيادن تحت حڪمت عملي جوڙڻ جي سخت ضرورت آھي، ان سلسلي ۾ آمريڪا پڻ ساٿ ڏيندو. صوبائي وزير اطلاعات محمد احمد شاھھ پاران آيل مھمانن جو ٿورو مڃيندي سانا جي ڪردار کي ساراھيو. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت سنڌ صوبي ۾ زرعي، ھيومن ڊولپمينٽ، بيروزگاري وارن شعبن لاءِ ڪم ڪري رھي آھي. ھن نوجوانن کي صلاح ڏني تھ سرڪاري نوڪري تي ڀاڙڻ بدران مختلف شعبن ۾ فني تعليم حاصل ڪري پنھنجو مستقبل سنواري سگھن ٿا. ڊاڪٽر پرويز ھود ڀائي تقريب کي خطاب ڪندي سوال ڪيو تھ آزادي جي 76 سالن دوران ملڪ ۾ عوامي حڪمراني ڪيترو عرصو رھي آھي، جنھن مان سمجھي سگھجي ٿوتھ ھتي آمريت جو ھڪ ڊگھو تسلسل رھيو آھي، جنھن ڪري شھرين جي بنيادي حقن جي لتاڙ ٿيندي رھي آھي ۽ سماجي مسئلا وڌي ويا آھن. ھن چيو تھ سنڌ اندر جيڪي مسئلا پيدا ڪيا ويا آھن، انھن جو تسلسل بنگال واري دور سان تعلق رکي ٿو. ھن چيو تھ 2022ع واري ٻوڏ جي حوالي سان ان وقت جي وزير اعظم پنجاب ۽ ڪي پي ڪي لاءِ وفاقي فنڊ رکيا پر سنڌ لاءِ نھ رکيا، وفاق جي اھڙي رويي سنڌ واسين کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آھي. ھن چيو تھ ٻوڏ سبب تباھھ ٿيل علائقن جو دورو بلاول ڀٽو ۽ ان وقت جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھھ في ڪلاڪ پنج لک رپين جي خرچ سان ھيلي ڪاپٽر تي ڪيو، عالمي ادارن کان ڊالر جي صورت ۾ مالي مدد ڪئي وئي، جيڪا رقم ٻوڏ سٽيل علائقن تي خرچ ڪرڻ بدران پنھنجين عياشين تي خرچ ڪئي وئي، انھيءَ مليل رقم جو کين حساب ڪتاب سنڌ واسين کي ڏيڻو پوندو، جڏھن تھ اڃان تائين ٻوڏ متاثرن جي بحالي ناھي ٿي سگھي. ھن چيو تھ ڪرپشن ھوندي مستحڪم پاڪستان جو خواب ساڀيان نھ ٿو ٿي سگھي، ھتي انسانيت سان وڏو ظلم ٿي رھيو آھي. مشھور دانشور نصير ميمڻ سانا اي آر سي جي تقريب ۾خطاب ڪندي ڪنسلٽنٽ ڪلائيميٽ چينج، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، معيشت ۽ آبادڪاري، سنڌ جي زميني حقيقتن جي بنياد تحت خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪندي چيو تھ سنڌ جو پاڻي صاف ڪيو تھ سرڪاري اسپتالن جي اڌ بجيٽ بچي پوندي، گندي پاڻي واپرائڻ سبب شھري مختلف بيمارين جي ور چڙھي ويا آھن، سندن بھتر علاج جون سھولتون بھ ميسر ناھن. ھن چيو تھ سنڌ ۾ سوا ڪروڙ ماڻھو ٻوڏ سبب اڃان تائين بي گھر آھن. ھن سوال ڪيو تھ 2022ع واري ٻوڏ کان اڳ سنڌ جي حالت ڪيتري سُٺي ھئي. ھن چيو تھ 1980 جي رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ٻھراڙي واري سنڌ ۾ گھڻ پاسن واري غربت جو تناسب 70 سيڪڙو ھو، ٻوڏ کان پوءِ اھو تناسب 100 سيڪڙو تائين پھچي چڪو آھي. ٻوڏ کان اڳ اُتي 70 سيڪڙو ڪچا گھر ھئا، جيڪي ٻوڏ سبب تباھھ ٿي ويا ۽ 20 سيڪڙو پڪن گھرن کي بھ تمام گھڻو نقصان رسيو، اھڙي طرح سان ٻھراڙي واري سنڌ جو سئو سيڪڙو ايجوڪيشن، ھيلٿ ۽ سوشل سيڪٽر تباھھ ٿي ويو آھي، اھا سنڌ اسان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ 75 سالن دوران ٺاھي ھئي، اھا قدرتي آفت نھ ھئي، پر رياست جي نااھلي سبب تباھي ٿي آھي، جڏھن تھ سرڪاري انگن اکرن مطابق ساڍا پنج لک ماڻھو مليريا جو شڪار بڻيا، پر انھن مريضن جو انگ ڏھن لکن کان وڌيڪ آھي، جنھن جو سبب ٻوڏ جي پاڻي جو نھ نڪرڻ آھي، ان کان بھ وڌيڪ ڏکئي صورتحال اھا آھي تھ ٻوڏ واري صورتحال ۾ 6 لک پنجاھھ ھزار حاملھ عورتن جو ڇا ٿيو، ان بابت سرڪاري انگ اکر خاموش آھن. ھن چيوتھ ايڏي وڏي تباھي کان پوءِ رياست ماڻھن جي بحالي لاءِ ڪھڙا ٺوس اپاءَ ورتا آھن. سيڪريٽري تعليم سنڌ شيرين ناريجو چيوتھ اسان کي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻي پوندي ۽ پنھنجو پاڻ کان پڇڻو پوندو تھ تعليم ڇو ۽ ڇا لاءِ ھئڻ گھرجي. مشهور وڪيل، ڪالم نگار، سماجي ڪارڪن ۽ ڪميونيٽرين شهاب اوستو پاڙيسري ملڪن مان ماڻهن جي آمد ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي تي پوندڙ اثرن بابت مسئلن تي تفصيلي روشني وڌي. تقريب ۾ ايڊووڪيٽ شازيھ نظاماڻي، ڊاڪٽر عائشھ ڌاريجو، زھريٰ خان، ماھ نور شيخ، سارا ملڪاڻي، امر سنڌو، ايوب شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي شروعات شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي وائي سان ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ نيلو فر خميساڻي پاران قانون جي چئن شاگردن کي پنھنجي والد سان منسوب ٿيل اسڪالر شپ سرٽيفڪيٽ ڏنا، جنھن تحت کين ھر سال 60 لک رپيا ٽيوشن جي في جي مد ۾ مالي مدد طور ملندا رھندا. تقريب ۾ نوجوان راجا ساند پاران انٽرنيٽ تي شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪتاب جي حوالي سان ھڪڙي ايپ جي تياري بابت بريفنگ ڏني وئي، جنھن ۾ ٻڌايو ويو تھ ايپ وسيلي شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، ان جو سنڌي، اردو، ڍاٽڪي ۽ ٻين ٻين ۾ ترجمو ڪيو ويو آھي، اھڙي ايپ ايڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس تي موجود آھي.
جنوري 14, 2024