دادو: ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي جي سالگره تقريب ڪوٺائي وئي

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ۽ ميڊيڪل سپرينڊنٽ ڊي ايڇ ڪيو ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي جي سالگره تقريب ڪوٺائي سالگره جو ڪيڪ ڪٽڻ بعد سنڌ جي ثقافت اجرڪ، ٽوپي ۽ گلن جا هار پارائي سالگرھ جون مبارڪون  ڏنيون ويون،

جڏهن تقريب ۾  پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر شهزاد چانڊيو، ٻارن جي حقن واري تنظيم جو اڳواڻ نياز چانڊيو، سماجي اڳواڻ آصف جمالي، ڊاڪٽر گلزار پنهور، عدنان نور سولنگي، رئيس راجا چانڊيو، سرواڻ شيخ، عبيد نياز چانڊيو، آطف ولي چانڊيو ۽ ٻين  شرڪت ڪئي

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي دادو جي مٽي مان جنم ورتو ۽ وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻيو،ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي جي محنت ۽ جستجو رنگ لاتو اڄ ڊي ايڇ ڪيو

 اسپتال ۾ ايم ايس طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ڊاڪٽر امجد ايم ايس بڻجڻ بعد نه صرف  دادو جي شهرين لاءِ پر ڏوراهين علاعقن مان ايندڙ ماڻهن لاءِ به مسيحا بڻيل آهي اڄ سندس جي جنم ڏينهن تي سندس لاءِ کوڙ ساريون نيڪ تمنائون آهن ته هو وڌيڪ جاکوڙ جاري رکندي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهندو.

جنوري 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو