ڏوڪري : گسٽا پاران تعليم کاتي جي آفيسر گلبھار مگسي خلاف احتاج
ڏوڪري (رپورٽر) گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به ضلعي ايجوڪيشن آفيسر گلبھار مگسي جي مقرريءَ خلاف گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي استادن احتجاج ڪيو ويو.
گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به استادن هيڊ ماستر نثار احمد سولنگي، قاضي عقيل احمد جوڻيجو، علي پٺاڻ، عبدالغفور زهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ ھٿن ۾ بئنر کڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي جي اختيارين نااهل گلبهار مگسي آفيسر کي مقرر ضلعي جي تعليم تباھ ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڊي اي او تعليم مقرري روڪي وڃي.
جنوري 9, 2024