دادو: پ پ اڳواڻ سينئر سياستدان کي پارٽي ٽڪيٽ ملي نه سگھي، اڳواڻن ۾ اختلاف

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )  پيپلزپارٽي قيادت طرفان 2024 واري اليڪشن ۾ ٽڪيٽن جي ورھاست تان دادو ضلعي جي پيپلزپارٽي اڳواڻن ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا،

ميھڙ تعلقي جي صوبائي سيٽ پي ايس 80  ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 227 ميھڙ ـ ڪي اين شاھ تي فارم جمع ڪرائيندڙ پ پ اڳواڻ سينئر سياستدان ۽ ضلعي ڪائونسل دادو جي اڳوڻي چيئرمين سردار محمد اشرف سولنگي کي پارٽي ٽڪيٽ ملي نه سگھي، ناراض پ پ اڳواڻ سردار محمد اشرف سولنگيَ طرفان پارٽي کي ڇڏڻ جو اشارو ڪرڻ بعد

جي ڊي اي جي مرڪزي قيادت طرفان ساڻس راہطا شروع ڪري ڇڏيا، جي ڊي اي جي مسلسل رابطن ۽ ڪيل آڇ بعد  سردار محمد اشرف سولنگي طرفان  پنھجن ويجھن ساٿين ۽ ہرادريَ جي معززين جو ڪٺ گھرائي ورتو ڪٺ ۾ شامل معززين مٿس مڪمل اعتماد ڪندي سندس ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

تمام جلد دادو ضلعي جي سياست جو رخ تبديل ڪندڙ اھم فيصلي جو اعلان ڪيو ويندو، ٻئي طرف امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي تہ جي ڊي اي طرفان ميھڙ ـ ڪي اين شاھ جي قومي اسيمبلي َ واري تڪ  اين اي 227 جي ٽڪيٽ جي کيس آڇ ڪئي وئي آھي

جيڪڏھن سردار محمد اشرف سولنگي طرفان جي ڊي اي طرفان پيش ڪيل آڇ قبول ڪري ورتي تہ دادو ضلعي جي سياست ۾ 35 سالن کان ھڪ ٻئي جي ُحريف رھندڙ سردار محمد اشرف سولنگي ۽ اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي خان جتوئي ھڪ ٿي ويندا،

جنھن سان ضلعي جي سياست ۾ نئين ھلچل پيدا ٿيندي، جي ڊي اي جو پلڙو ڀاري ٿيندو، جڏھن ته جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي پي ايس 80 ميھڙ جي صوبائي سيٽ ۽ قومي اسيمبليَ جي ميھڙ ـ ڪي اين شاھ NA227 تي جي ڊي اي طرفان نامزد ڪيل اميدوار آھي،

جڏھن تہ پيپلز پارٽي طرفان پي ايس 80 ميھڙ جي صوہائي سيٽ تي  اڳوڻو ايم پي اي فياض احمد ٻٽ ۽ اين اي 227 ميھڙ، ڪي اين شاھ تڪ تي اڳوڻو ايم اين اي عرفان ظفر لغاري پيپلزپارٽي پاران نامزد اميدوار آھن.

جنوري 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو