چونڊون ملتوي ٿيڻ بابت پاس ٿيل قرارداد ۽ آئيني گھرجون
ملڪي تاريخ ۾ جمھوريت لاءِ قربانين ڏيڻ جي تاريخ تمام ڊگھي ۽ پراڻي آھي. 1954ع کان وٺي قوم پنھنجي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نھ رڳو مطالبا ڪندي رھي آھي، پر ان حوالي سان جدوجھد پڻ ڪندي آئي آھي. اھڙي قومي جدوجھد ملڪ جي آمر حڪمرانن جنرل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءُ الحق، جنرل پرويز مشرف جي سياھھ حڪمراني واري دور ۾ نھ رڳو سرگرم رھي پر سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن، جمھوريت پسندن پنھنجن پُٺن تي ڦٽڪن جي زخمن ۽ جيلن جون ھوائون کاڌيون، ان کان پوءِ ملڪ جي اقتدار جا مزا پيپلزپارٽي، نواز ليگ، پي ٽي آءِ ماڻيا، پر ڪنھن بھ پارٽي پاران آمريت جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ ڪوبھ ڪم نھ ڪيو، البتھ آصف علي زرداري پنھنجي صدارتي دورِ حڪومت ۾ 18 ترميم ڏئي ننڍن صوبن کي ڪجھھ جھَلو ڏنو ۽ اھا ئي 18 ھين ترميم لوڏا کائي رھي آھي، جنھن لاءِ جمھوريت پسندن وٽ روڄ ۽ راڙو آھي. اھڙي ئي صورتحال ۾ جڏھن ملڪ اندر سپريم ڪورٽ جي ھدايت جي ڇانوَ ھيٺ عام چونڊن جي تاريخ بھ مقرر ٿي چڪي آھي ۽ ان حوالي سان تياريون بھ مڪمل ٿيون آھن، اھڙي وقت سينيٽ جي اھم قومي ۽ اعليٰ فورم تان چونڊون ملتوي ڪرڻ واري نھ رڳو قرارداد پيش ٿئي ٿي، پر اھا ايوان اندر ڪورم پورو نھ ھئڻ باوجود اڪثريتي راءِ تحت پاس ٿئي ٿي. اھڙي خبر پوڻ تي عوام جون متيون منجھي ويون ۽ سياسي پارٽين پاران مذمتي بيان اچڻ لڳا. عام چونڊن ۾ دير ٿيڻ وارن افواھن جي حوالي سان ڪجھھ ڏھاڙا اڳ ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران ريمارڪس ڏنا ويا ھئا تھ ٿيندڙ عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن، جيڪڏھن ائين ٿيو تھ اھو ملڪ جي مقدس آئين سان مذاق برابر ھوندو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي اھڙي جاري ٿيل ريمارڪس بعد ملڪ اندر جمھوريت جي بالادستي لاءِ قربانيون ڏيندڙ سياسي پارٽين، ساڃاھھ وند طبقي سميت شھرين جي وڏي انگ پاران مذمت تي مشمتل ڊگھي بحث مباحثي جي شروعات ڪئي وئي. چيف جسٽس پاران امڪاني طورتي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ واري ڏنل ريمارڪس جي ڪجھھ ئي ڏھاڙن کان پوءِ ملڪ جي راڄڌاڻي واري شھر اسلام آباد ۾موجود آئين ساز اداري سينيٽ ۾ اجلاس دوران سينيٽ جي آزاد ميمبر پاران ملڪ اندر سيڪورٽي خدشن سبب عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ واري رٿ پيش ڪرڻ ۽ ان جو پاس ٿيڻ يقينن جمھوريت لاءِ سُٺو سنئوڻ ثابت نھ ٿيندو. اھو ئي سبب آھي جو اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاران اھڙي عمل جي سخت مذمت ڪندي پنھنجو موقف اختيار ڪيو آھي تھ : ھُن حڪومت ۽ ڪابينا پاران نمائندگي ڪندي عام چونڊن جي ملتوي ٿيڻ بابت قرارداد جي مخالفت ڪئي ھئي، سينيٽ جي اسپيڪر کي حڪومت ۽ ڪابينا جو موقف ٻڌڻ گھرجي ھا، جڏھن تھ سينيٽ اجلاس ۾ عام چونڊن جي ملتوي ٿيڻ بابت ٿيل ووٽنگ ۾ پيپپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ سينيٽر نھ رڳو خاموش رھيا، پر نفي ۾ ووٽ ڏيڻ بھ مناسب نھ سمجھيو، جڏھن تھ سينيٽ ۾ موجود مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر پاران اھڙي رٿ جي مخالفت ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيٽ جي ايوان جي معزز ميمبرن جي ڪردار جو تجزيو ڪرڻ سان ڄاڻ ملي ٿي تھ سواءِ ھڪ يا ٻن سينيٽ جي معزز ميمبرن پاران اھڙي رٿ جي خلاف پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو ويو، جڏھن تھ ڪورم پورو نھ ھئڻ جي نشاندھي بھ ڪنھن پارٽي جي ميمبر پاران نھ ڪئي وئي. ان حوالي سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران موقف جاري ڪندي واضع ڪيو آھي تھ سينيٽ جھڙي اھم اداري ۾ موجود 14 سينيٽر قوم جي قسمت بابت فيصلو نھ ٿا ڪري سگھن، ان ڪري سينيٽ مان اھڙي پاس ٿيل رٿ تي ڪيترائي قانوني توڙي آئيني مونجھارا موجود آھن. ملڪ اندر چونڊون ملتوي ٿيڻ واري پاس ٿيل قراردارتي ملڪ جي آئيني ماھرن جو موقف آھي تھ ملڪ جي آئين جي ٽڪراءَ ۾ ڪابھ رٿ پاس ڪرڻ جو ڪوبھ اختيار حاصل ناھي، ان ڪري ملڪ جو قانون ۽ آئين پنھنجو رستو پاڻ ئي پيدا ڪندو، جنھن لاءِ قانوندانن توڙي جمھوريت پسندن کي عدالت جو دروازو کڙڪائڻو پوندو. ھوڏانھن پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو بلاول ھائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پارٽي موقف ورجائيندي واضع ڪيو تھ 8 فيبروري تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي توهين ڪري رهيا آهن. سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري قرارداد پاس ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اھڙو عمل جمهوريت جي خلاف آهي. ملڪ ۾ جمهوريت کي پٽڙي تان لهڻ جون سازشون ۽ چونڊون ملتوي ڪرڻ جھڙيون مڪروھھ ڪوششن کي عوام ھرگز قبول نه ڪندو. اھڙي پاس ٿيل رٿ جي مذمت ڪندڙ پارلياماني سياسي پارٽين جي اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، نواز شريف، ايم ڪيو ايم، سربراھھ سراج الحق ۽ ٻين جي مذمت وارو موقف سمجھھ کان ٻاھر آھي، ڇاڪاڻ تھ رٿ پاس ٿيڻ بعد اھي مذمتي بيان ڏيڻ سميت عام چونڊون منعقد ٿيڻ بابت بضد آھن تھ پوءِ کين سينيٽ جھڙي اھم ايوان ۾ سندن لاڳاپيل سينيٽ جا ميبر ايوان ۾ خاموش ڇو رھيا؟.. اھڙو سوال قوم کانئن پڇڻ جو حق رکي ٿي، جڏھن تھ ملڪ جي آئين جي تشريح جي حوالي سان سدائين پنھنجو ڪردار ادا ڪندڙ معتبر اداري سپريم ڪورٽ کي سينيٽ پاران عام چونڊن جي ملتوي ٿيڻ واري پاس ٿيل رٿ جي قانوني پاسن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گھرجي تھ جيئن عوام لاءِ پيدا ٿيل مونجھارا ختم ٿي سگھن.
جنوري 7, 2024