ڪنڌڪوٽ : ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو ٽئين ڏھاڙي به آپريشن ھلندڙ

Spread the love

ڪنڌڪوٽ( رپورٽ: طلعت نظير دايو) ڪنڌڪوٽ جي دراني ٿاڻي واري حد ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي 3 ڏينهن به آپريشن جاري پوليس کي آپريشن دوران 3 مغوين بازياب 3 ڏينهن اندر پوليس جي بھترين ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي مختلف ڪچي واري علائقن مان 5 مغوين کي آزاد ڪرايو  آپريشن جي نگراني ايس ايس پي بشير احمد بروهي ڪري رهيو آهي

جمال ٿاڻي جي حد پڪي ۽ ڪچي اندر آپريشن جاري آهي ڏوھارين جو پوليس مٿان جديد ترين ھٿيارن سان فائرنگ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڏوهارين گهر خالي ڪري فرار مھينو اڳ جمال ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ذاھد حسين رياض حسين 10 سالن معصوم رفيق احمد گاڏھي کي مقابلي دوران بازياب ڪرائي ورتو

 مغوين جي بازيابي تي وارثن طرفان سنڌ پوليس ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي جي حق ۾ نعرا ۽ گلن جي هارن سان نوازيو ويو ضلعي جي عوام ۾ خوشي جو لھر ايس ايس پي بشير احمد بروهي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مغوين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو ضلعي جي ڪچي جي مختلف علائقن ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ھلندڙ آهي ٿڌ ۾ آپريشن ۾ پوليس نوجوان کي تڪليف ٿي رهيو پوءِ به پوليس جا جوان پنهنجي ھمت سچائي بھادري سان ڏوھارين سان مقابلو ڪري رهيا آهن

 ڪافي ڏوھارين جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا آهن اڳ ڪڏهن به پوليس کي اھڙي ڪاميابي آپريشن ۾ نه ملي سگهي آهي جيڪا ھاڻي پوليس جوانن جي محنتن ۾ ملي آهي

 مونکي پنهنجي پوليس ٽائيگرز تي يقين آهي ھو اڳين حوصلان جئين ڏوھارين جي خاتمي تائين پنهنجو ان جدوجهد کي جاري رکندا الله پاڪ کان دعا آهي ته الله پاڪ پوليس جوانن جو آپريشن ۾ حفاظت فرمائي ۽ اسان کي ڪاميابي عطا فرمائي.

جنوري 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو