ملير: علامه اقبال اسلامڪ اسڪول ۾ سيدنا حضرت ابوبڪر صديق رِضھ جو ڏهاڙو ملهايو ويو

Spread the love

ملير (ڊر) ڪراچي ملير ميمڻ ڳوٺ جي علامه اقبال اسلامڪ اسڪول ۾ پهرين خليفي  امير المومنين سيدنا حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جو ڏهاڙو  عقيدت احترام سان ملهايو ويو

 جنهن ۾ پري نرسري کان 10 ڪلاس تائين جي شاگردن شاگردياڻين سميت استادن ۽ اسڪول انتظاميه جي ميمبرن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ٻارن کي مسلمانن جي پهرين خليفه حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جي باري ۾ تفصيلي آگاهي ڏني وئي

مقررين چيو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه پهريون شخص هو جنهن اسلام جي ترويج لاءِ سڀ کان پهرين پيغمبر خدا حضرت محمد ﷺ جي دعوت تي اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ مسلمانن جا پهريان خليفا امير مقرر ڪيا ويا پاڻ هميشه سادگي سان زندگي گذاري سندن سچائي جي ڪردار کيس صديق جو لقب ڏياريو

اسڪول جي پرنسپال سر طاهر حسين ميمڻ چيو ته ميمن ڳوٺ جو هي پهريون اسڪول آهي جنهن ۾ دنياوي تعليم سان گڏ دين اسلام جي تعليم پڻ ڏني وڃي ٿي. هن چيو ته اسان جي اداري ۾ 30 سيڪڙو اسلامي تعليم آهي، جنهن ۾ قرآن پاڪ سميت دين اسلام جي ٻين حڪمن جي حوالي سان خاص ڌيان سان پڙهايو ويندو آهي

. جڏهن ته دنياوي تعليم پڻ ماهر استادن جي نگراني هيٺ ڏني ويندي آهي طاهر حسين ميمڻ وڌيڪ چيو ته يوم پاڪستان، اسلام جي مقدس شخصيتن جا ڏينهن، قومي هيروز جا ڏينهن، ٻارن ۾ آگاهي مهم ۽ انهن جي ڪردار جي حوالي شعور ڏنو وڃي ٿو ته جيئن هو باشعور رهي ۽ ٻين تائين معلومات پهچائي ان موقعي تي مس حديقہ، مس اقرا، مس ثمينه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

جنوري 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو