نوشھروفيروز: ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف احتجاج، آبادگارن کي ڀاڻ ڏيڻ جو مطالبو
نوشھروفيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي) ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف ڊي سي آفيس نوشھروفيروز ۾ جسقم سرواڻ محترم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنھل ساريو ڪرم خان سامٽيو، شهاب ميمڻ ، مجيب آزاد ڀيلار، امداد ڪليري ، نجيب منڱريو اياز راڄپر جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو! جنهن ۾ سوين قومي ڪارڪنن جي شرڪت ڀاڻ مافيا خلاف شديد نعري بازي، هارين ۽ آبادگارن کي سرڪاري ريٽ تي عام طور آبادگارن کي ڀاڻ ڏيڻ جو مطالبو
ڊي سي نوشهرو فيروز جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميا جي پنهل ساريو شهاب ميمڻ اخلاق جوکيو امتياز کوسو ڪرم سامٽيو، منير وسطڙو تي مشتمل ڪميٽي سان ڳالهيون ڪامياب مطالبا تسليم ڪيا ويا ٽن ڏينهن اندر ضلعي عملدارن جي ميٽنگ ۾ سرڪاري ريٽ تي آبادگارن کي ڀاڻ ڏيڻ واري فيصلي تي عمل ڪرايو ويندو ۔۔
ان موقعي تي جسقم سينيئر اڳواڻ محترم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڌرڻي ۾ شريڪ ساٿين سان مخاطب ٿيندي چيو ته فيصلي تي عمل يقينن عملدار ۽ ڊي سي صاحب ڪندو ٻي صورت ۾ احتجاج جا دڳ اسان لاء کليل آهن۔
جنوري 4, 2024