سيوھڻ : بيبي فاطمـة الزھريٰ عھ جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو  

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سڄي دنيا  جيان سيوھڻ ۾  بـ جشن سيده طاھرہ عابدہ زاھدہ دختر رسول صلى الله عليه وآلہ وسلم   بيبي فاطمـة الزھرا عليہ سلام جي ولادت  وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو، جڏھن ته جشن ولادت باسعادت ڊاڪٽر محمد اقبال جعفري جي اڳواڻي ۾ انجمن اھل بيت طرفان  امام بارگاه جعفريـ شيخ محلـ سيوھڻ شريف ۾ منعقد ڪيو ويو،

جشن ولادت جي پروگرام  جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، ان کان پوء قصيده خوانن ۾ غلام مصطفىٰ سمون ، زوار مھدي رضا، زوار حبدارعلي ۽ اسدعلي ڀٽي پنهنجي نظراني عقيدت جا گل نڇاور ڪيا،

جڏھن ته ان موقعي تي  خطابت جي سلسلي ۾ خطيب آل محمد مولانا غلام شبير حيدري پنهنجي خطاب ۾ جشن ولادت بي بي فاطمةالزھرا  عليه سلام جي شان ۾ خطاب ڪيو ۽ ھن جشن ولادت ۾ آيل مھمانن جا دل ايمان سان تازا ڪري ڇڏيا، ھ

ن جشن ۾ شامل سيوھڻ  شھر جا سادات  معززين سان گڏ سيوھڻ شھر جي مومنن ڀائرن ۽ سيوھڻ شھر جي عوام  وڏي تعداد ۾  شرڪت ڪئي، جڏھن ته ھن جشن ولادت جي تقريب ۾  دعا خاص پڻ گھري ويئي، جنھن ۾ آيل سڀني مؤمن مسلمان جي صحت ، عزت،  شھريت ۽  مال رزق ۾ برڪت لاء ڪئي وئي،

 ۽ خاص طور تي دعا  ڊاڪٽر محمد اقبال جعفري جي خاندان ۽ انهن جي وصال ڪيل  عزيزو عقارب جن جي   مغفرت لاء پڻ دعا گھري ويئي،   ۽ آخر ۾  ھن جشن ولادت جي پروگرام ۾ لنگر جو  پڻ احتمام ڪيو ويو ھئو،

 جيڪو لنگر آيل مؤمنن ۾ تقسيم ڪيو ويو ، جڏھن ته جشن ولادت جي موقعي تي امام بارگاھ جعفريه شيخ محله سيوھڻ شريف کي بلبن سان سينگاريو پڻ ويو ھئو.

جنوري 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو