ڊرائيور هوشيار! شاهراهن ۽ موٽرويز تي ڏنڊ وڌي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊِيسڪ) موٽروي پوليس جي ترجمان هاڻي لائيسنز کانسواءِ مسافر ۽ مال بردار گاڏين کي 10 هزار روپيا ڏنڊ هنيو ويندو، رفتار جي حد جي ڀڃڪڙي ڪندڙ موٽرسائيڪل کي 1500، گاڏيءَ کي 2500، ٽرڪن کي 5 هزار ۽ بسن کي 10 روپيا ڏنڊ هنيو ويندو.

ترجمان موجب اوورلوڊڊ مال بردار گاڏين تي 10 هزار روپيا ڏنڊ لڳندو،ڊرائيونگ دوران موبائيل فون جي استعمال تي موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوار تي 500، ويگن تي 2 هزار، بس ۽ مال بردار گاڏين تي 5 هزار روپيا ڏنڊ لڳندو.

ترجمان جو چوڻ هو ته رجسٽريشن کانسواءِ موٽرسائيڪل، گاڏي ۽ ويگن هلائڻ تي 2 هزار جڏهن ته بس ۽ مال بردار گاڏين هلائيندڙ کي 5 هزار روپيا ڏنڊ لڳندو.

آءِ جي موٽرويز پوليس موجب سلطان علي خواجه جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ قانونن تي ڏنڊ وڌڻ سان حادثن ۾ گھٽتائي ايندي.

جنوري 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو