ملير: ٽائون چئيرمين پاران ڳوٺن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو
ملير (ڊ ر ) ٽائون چئيرمين منگهوپير حاجي نواز علي بروهي جو هلندڙ ترقياتي اسڪيمن ، پيئڻ جي صاف پاڻي ،سيوريج لائين جا ڳوٺن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو،
ان موقعي تي ٽائون مونسپل ڪارپوريشن منگهوپير چئيرمين سان گڏ مونسپل ڪمشنر آغا خليق ۽ وائيس چئيرمين رانا عارف جاويد بروهي آفاق احمد ۽ ٻيا پڻ مجود هئا ان موقعي تي ٽائون مونسپل ڪارپوريشن جي چئيرمين حاجي نواز بروهي چيو ته ڪراچي جي ترقي ۾ ڪنهن جو هٿ آھي ته اهو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو آھي
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيل ملز جو بنياد رکيو ايڏو وڏو پروجيڪٽ هو جيڪڏهن بهتر طريقي سان هلايو وڃي پوري ڪراچي سميت سڄي ملڪ جون حالتون تبديل هجن سان ائين سمجهون ٿا پاڪستان جي چيلھ جو هڏي جو هئي
پاڪستان اسٽيل ملز پروجيڪٽ جي هلڻ ۽ منافعون ڪمائڻ تي اسان آئي ايم ايف اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران انهن کي قرض ڏيون هان ڇو ته هيء منصوبو گيم چينجر منصوبو هو جنهن کي وقت جي بي رحم هٿن پنهنجي غلفت سبب اڇو هاٿي ٺاهي ڇڏيو پاڪستان اسٽيل ملز جي ٽراسپورٽ گاڏين جي آمدني ٿيندي هئي جنهن مان ڪراچي شھر جي ترقياتي پروجيڪٽن کي هلايو ويندو هو
ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي سرڪاري اسپتالن کي مفت آڪسيجن فراهم ڪئي ويندي هئي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي پاور پلانٽن مان ٺهندڙ بجلي سڄي ڪراچي ڏني ويندو هئي
۽ ڪي اليڪٽرڪ کي وڪرو به ڪئي ويندي هئي اڄ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو خواب نوجوان قيادت ڪندڙ پيپلزپارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ادهور خواب پورو ڪرڻ لاء هڪ نئين سوچ سان ڪم ڪري رهيو آھي اگر عوام خدمت جو موقعو ڏنو ته دنيا ڏسندي پاڪستان کي ڏکين حالتن کان ٻاهر ڪڍندو اسان پارٽي جا ڪارڪن آھيون
اهو ڪئين ممڪن آھي علائقن ۽ ڳوٺن ٻهراڙي جي ترقي لاء قدم نه کنڻون اسان ماضي کان بهتر طريقي سان ڪم ڪنداسين پهريان ادارن جي وسائلن ۾ اضافو ڪرڻو آھي ۽ عوام جي مسئلن کي آساني سان حل ڪري سگهون شيون آهستي آهستي بهتري ڏانهن وينديون پر اسان خواب کي حقيقتن ۾ تبديل ڪري ڏيکارينداسين.
جنوري 2, 2024