سکر: اپيلٽ ٽربيونل ۾ ٻن اميدوارن  پاران فارمن جي بحالي لاءِ درخواستون داخل

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد  علي گل ڪلوڙ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ اپيلٽ ٽربيونل قائم، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جا اميدوار فارم جي بحالي ۽ اعتراض داخل ڪيا ويندا۔ان سلسلي ۾ اپيلٽ ٽربيونل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پهرين ڏينهن سومر پهرين جنوري 2024 تي ٻن اميدوار فارم جي بحالي لاءِ پهچي ويا.

اپيلٽ ٽربيونل ۾ ٻه رڪني بئنچ جسٽس ارشاد علي شاهه ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل بئنچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي۔

اپيلٽ ٽربيونل ۾ جي ڊي اي اميدوار سردار محمد خان جوڻيجو اين اي 209 سانگهڙ ۾ فارم رد ٿيڻ خلاف بحالي واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي جي ڊي اي اميدوار محمد خان جوڻيجو جو نامزدگي فارم رٽرننگ آفيسر رد ڪيو هو جنهن جي بحالي لاء

وڪيل سڪندر علي جوڻيجو معرفت درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته سکر سٽي جي تڪ پي ايس 24 تي پي ٽي آء اميدوار صفيه بلوچ جو فارم رد ٿيڻ خلاف وڪيل معرفت اپيلٽ ٽربيونل ۾ بحالي واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آھي

 رٽرننگ آفيسر پي ٽي آء اميدوار صفيه بلوچ جو پي ايس 24 تي نامزدگي فارم رد ڪيو هو صفيه بلوچ وڪيل سندر علي چاچڙ معرفت بحالي واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي۔اپيلٽ ٽربيونل جي احاطي ٻاهران ٻنهي اميدوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي فارم بحال ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آھي۔

جنوري 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو