سکر ۾ جان محمد مهر جي قتل جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف صحافين پاران احتجاج
سکر (رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ)سکر ۾شهيدصحافي جان محمد مهر جااصل قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف صحافين جي احتجاجي تحريڪ 140 به جاري، قاتل گرفتار کپن صحافين جو مطالبو ان سلسلي ۾سکر يونين آف جرنلسٽ پاران سکر جي شهيد صحافي جان محمد مهر جا مک قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي علامتي بک هڙتال وارو سلسلو ايس يو جئي صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ جاري رکي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعري بازي ڪئي وئي
احتجاج ۾ سکر پريس ڪلب ڪلب جي نئين چونڊيل صدر آصف لوڌي شهزاد تاباڻي، خالد ٻانڀڻ، سحرش کوکر،جلال الدين ڀيو، عمر سومرو ، ڪامران شيخ، شوڪت راهي، عبيدﷲ شيخ ، عنايت ڀٽي، سجاول سومرو اظهر دايو،عبدالغفور شيخ، انس ملڪ، فاروق سومرو، جواد شاهه، يار محمد سومرو،جي ايم شيخ، ابراهيم سومراڻي، بابر کوکر، عقيل احمد ، ناصر جعفري، شاهه ولي، محمد علي سولنگي، اشفاق کوسو،اصغر علي عباسي، سجاد سنجراڻي اسلم دايو، ۽ ٻيا موجود هئا
ان موقعي تي صحافي اڳواڻن چيو ته افسوس جو مقام آهي ته سکر جي شهيد صحافي جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي اڃان تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهيجيستائين قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه ٿا آندا وڃن احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي 140ڏينهن ٿي ويا آهن حڪمران ۽ پوليس کي ڪابه فڪر ناهي جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس صحافين کي مسلسل خاطريون پئي ڪرائي پر عملي طور ڪو ايڪشن ظاهر ناهي ٿي رهيو
اڳواڻن چيو ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ طرفان احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي ان ڏس ۾ ملڪ گير مظاهرن ۽ سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن ٻاهران علامتي بک هڙتال بعد 6 جنوري 2024 تي سکر پريس ڪلب ۾ آل سنڌ جرنلسٽ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ شهيد جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي سوگهو ٿيڻ تائين احتجاجي تحريڪ بابت وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي ويندي.
ڊسمبر 31, 2023