دادو:بجلي ۽ گئس جي هٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف عوامي سوشل فورم  پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ بجلي ۽ گئس جي هٿرادو بدترين لوڊشيڊنگ خلاف عوامي سوشل فورم ۽ شهرين پاران دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

 ان موقعي تي  عوامي سوشل فورم ضلع صدر مجيب الرحمان پنهور، اقبال احمد قريشيصدر موبائل مارڪيٽ، ڊاڪٽر شاهد حميد پنهور، سيد عبالغفور شاه،  ذوالفقار علي پنهور، سلار علي پنهور،

 اشرف شيخ، امتياز ڏاوڇ، غلام قادر ملاح، محبوب سومرو،ايس يو پي تعلقي صدر سجاد علي پنهور، بابر ٿهيم، هيومن رائٽس ڪائونسل پاڪستان ضلع اڳواڻ فياض ڏاوڇ، خالد شيخ، شعبان شاهاڻي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان دادو جي اڳواڻ حافظ راشد رضوي، صادق مري، عجيب ٻٻر، شھزاد علي پنهور،

 نويد پنهور، مشتاق جتوئي، سيد سليمان شاھ ۽ ٻين شهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي سيپڪو اختيارين پاران بدترين بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، دادو شهر ۾ 16 ڪلاڪن کان 18 ڪلاڪن تائين بجلي بند آهي، سئي گئس ته آهي ئي نه 24 ڪلاڪن ۾ صرف 3 ڪلاڪ گئس ڏني پئي وڃي، جنهن سبب لکين شهري وڏي  اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،

اڪثر ماڻهن جي گهرن مان پاڻي ختم ٿيڻ سبب آفيسن، اسڪولن ۾ ويندڙ ملازمن ۽ شاگردن کي انتهائي سخت تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته ٻئي طرف ٽيڪنيڪل شاپ تي ڪم ڪندڙ سوين پورهيت پڻ روزگار کان محروم بڻجي ويا آهن اهڙي طرح آفيسن ۾ پڻ ڪم ڪار متاثر ٿي رهيو ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، جڏهن ته بجلي بند رهڻ ڪري مسجدن ۾ وضوع لاءِ پاڻي نه هجڻ ڪري نمازي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن

 ٻئي طرف دادو شهر ۾ سوئي سدرن گئس انتظاميه پاران گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ ڪرڻ سبب لکين شهرين کي انتهائي سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

 شهرين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو، صبح جو اسڪول ويندڙ معصوم ٻارڙا، شهري توڙي ٻيا ملازم بنا نيرن جي اسڪول ۽ پنهنجي آفيسن ۾ وڃڻ لڳا اها سڀني کي خبر آهي ته دادو ضلعو قدرتي وسيلن ۽ خزانن سان مالا مال آهي دادو ضلعي جي چئن تعلقن جي مختلف علائقن ۾ وک وک تي گئس ڪمپنيون موجود آهن

 ٿيڻ ائين گهرجي ته دادو ضلعي جي عوام کي سڀ کان پهريان گئس جي سهولت، بيروزگار کي روزگار ڪمپنين ۾ ملڻ گهرجي پر افسوس ته گئس ڪمپني ڀرسان مختلف ڳوٺن کي ته گئس جي سهولت ئي موجود نه آهي مٿان وري دادو شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گذريل 3 مهينن کان اڻ اعلانيل هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي عوام جي دانهڻ باوجود نوٽيس نٿو ورتو وڃي جيڪو عوام سان سراسر ظلم آهي دادو شهر ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري شهري ڪاٺيون خريد ڪري ان تي رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آهن.

ڊسمبر 31, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو