سکر: محترمه شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاء سکر کان قافلا ڳڙھي خدابخش ڏاهن روانا
سکر(رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ) محترمه شھيد جي ورسي ۾ شرڪت لاء سکر کان قافلا روانا ٿي ويا ان سلسلي ۾ روهڙي جي ٻيڙي چوڪ کان اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۔سٽي باء پاس سکر کان مشتاق سرهيو۔ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلا ڳڙھي خدابخش ڏاهن جيئي ڀٽو۔ جيئي محترمه شھيد جا نعرا هڻندا هزارين جيالا ويگنن ۽ موٽر ڪارين ۾ سوار ٿي روانا ٿي ويا
بس ٽرمينل ويجهو ويرم خان مهر طرفان قائم ڪيل استقبالي ڪئمپ تي قافلن جو استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي پ پ سکر ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻو ايم پي اي سکر مرحوم حاجي انور علي خان مهر جي فرزند ويرم خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي چيئر مين بلاول ڀٽو سان هاري۔مزدور۔شاگرد۔غريب ۔فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورت مزدور به گڏ آھن
اسان به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ بيٺا آھن پارٽي ٽڪيٽ ملي يا نه ملي پر بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ نه ڇڏبو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن ۔مشن کي اڳتي کڻي هلندا سين پارٽي سان بيهڻ ئي وڏي ڳالھ آھي۔
ڊسمبر 28, 2023