سيوھڻ جي يونين ڪائونسل چنا جي ڳوٺ باغ يوسف سھولتن کان محروم علائقي واسي عذاب ۾
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي جي يونين ڪائونسل چنه جي ڳوٺ باغ يوسف جي سار آخر ڪير لھندو؟ سال 2022 جي خطرناڪ ٻوڏ جي وقت ھميشه منڇر ڍنڍ جي عتاب ھيٺ رھندڙ تعلقي سيوھڻ جو قديمي ڳوٺ باغ يوسف ھن جديد دوءر ۾ به صحت, تعليم, روڊ رستن ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ڪيترن ئي بنيادي سھولتن ۽ ضرورتن کان محروم رھندو اچي پيو، پر ان سان گڏ ھتان جا نفيس طبيعت رکندڙ ڳوٺاڻا گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان پيئڻ جي پاڻي جي سھولت کان به محروم بڻيل آهن,
منڇر جي زھريلي پاڻي سبب ھتان جون زرعي زمينون ته ڪلراٺيون ٿيڻ سبب گھڻي ڀاڱي ڪنهن ڪم جون نه رھيون آهن، پر منڇر کي ڊيم ڪرڻ سان ديھ باغ يوسف جو جر به خراب ۽ کارو ٿي ويو آهي،
جنهن جي ڪري ھن ديھ جي سڀني ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي جي سخت ضرورت آھي ان جي ڪري ھتان جي ڳوٺاڻن کي پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاء ٻيو ڪم ڪار سيڙائي ڪافي پري پنڌ ڪري وڃڻو پوي ٿو، جيڪو ڪافي ڏکيو ڪم ھجڻ ڪري ڳوٺاڻن کي ڪافي پريشانين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو,
جڏهن ته ڳوٺ باغ يوسف لاء اڳوڻي ايم اين اي سردار سڪندر علي خان راھپوٽو پاران لکين روپين جي لاڳت سان 3 سال اڳ پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ڪرڻ لاء ھڪ RO پلانٽ ڏنو ويو ھئو،
پر افسوس ته ان جو ڪم آخري مرحلن ۾ پھچڻ جي باوجود به مڪمل ٿي نه سگھيو آهي، ۽ ائين گذريل سال 2022ع جي وڏي ٻوڏ ۾ ان آر او پلانٽ جون سولر پليٽون پڻ مبينا طور تي شايد چوري ٿي ويون، ۽ ڳوٺاڻن جو صاف پاڻي پيئڻ وارو خواب اڌورو ئي رھجي ويو،
اسان ڳوٺ باغ يوسف جا متاثر ڳوٺاڻا سنڌ جي نگران وڏي وزير, نگران صوبائي وزير پبلڪ ھيلٿ کاتو سنڌ صوبائي سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ سنڌ ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي ڄامشورو جي ايگزيڪيٽو انجنيئر ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ھن ڳوٺ باغ يوسف جي لڳل RO پلانٽ جي معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل سولر پليٽين جي جانچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري RO پلانٽ کي چالو ڪرايو وڃي
ته جيئن ڳوٺ باغ يوسف جي رھواسين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ڪري ڳوٺاڻن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
ڊسمبر 27, 2023