پي ٽي آئي ٽڪيٽ ڏني مج ڌني تھ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙھندس: ظھير احمد چانڊيو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو پي ايس 82 دادو سيٽ تي دادو جي پي ٽي آء تعلقي صدر ظھير احمد چانڊيو آزاد اميدوار طور فارم آر او آفیس دادو ۾ ڀرايو، سندس چوڻ هو ته پي ٽي آئي پارٽي ٽڪيٽ ڏني ته ٺيڪ آھي
جي نه ته آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ظلم خلاف چونڊ وڙھندس، نوجوان صحافي ظھيراحمد چانڊيو پنھنجو فارم پاڻ ڀري جمع ڪرايو آھي وڊيو وائرل ٿيڻ تي دادو جي شھرين ۾ نوجوان جي واکاڻ ظھير احمد چانڊيو چيو ته پڙھيل لکيل آھيون
مڊل ڪلاس سان وسطو رکون ٿا اسان ڀوتارن جيان گھر ويٺي ٻين کان ڇو فارم ڀرايون جڏھن ته اسان ۾ اھليت آھي نوجوان صحافي جي اھڙي وڊيو وائرل ٿيڻ تي ھر طرف نوجوانن ۽ عام شھرين ۾ نوجوان صحافي جي واکاڻ ٿي رهي آهي.
ڊسمبر 24, 2023