پريس ڪلب چوٽياريون جي نئين سال 2024 جي باڊي جي چونڊ بابت ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس منعقد
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) پريس ڪلب چوٽياريون جي نئين سال 2024 جي باڊي جي چونڊ بابت ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس سينئر صحافي استاد حيات خاصخيلي جي صدارت ۾ منعقد ٿيو
اجلاس دوران بنا مقابلي صدر علي اڪبر جوڻيجو جنرل سيڪريٽري سيد لالخان شاھ سينئرنائب صدر غلام رسول بهڻ ۽ نائب صدر ياسين جوڻيجو ۽ مٺاخان راڄڙ سميت ٻيا عهديدار چونڊيا ويا
جڏھن ته نائب صدر 2 ڄام مٺاخان راڄڙ جوائنٽ سيڪريٽري سيد علي غلام شاھ اطلاعات سيڪريٽري علي گل مڱريو فنانس سيڪريٽري خميسو راڄڙ آفيس سيڪريٽري گلشير انڙ چونڊجي ويا جڏهن ته سرپرست اعلا استاد محمد حيات خاصخيلي کي چونڊيو ويو
ورڪنگ ڪاميٽي جو چيئرمين نياز احمدبهڻ ۽ مير حسن راڄڙ احمد جوڻيجو ۽ نانڪ ڪمار کي ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيوويو جڏھن ته نامياري ليکڪ ايوب گل ۽ سماجي ورڪر سيد مشتاق شاھ کي اعزازي خصوصي ميمبر چونڊيو ويو انهيء موقعي تي نئين منتخب ٿيل صدر علي اڪبر جوڻيجو پنهنجي خيالن جي اظهار ڪرڻ دوران تمام ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو سندس چوڻ هو ته آئون شڪرگزار آھيان
پريس ڪلب چوٽياريون جي تمام صحافي دوستن جو جن مون تي اعتماد ڪندي مون کي صدر منتخب ڪيو آهي انشاالله آئون تمام پريس ڪلب جي ساٿين کي گڏ کڻي هلندس ۽ سندن اعتماد تي پورو لهندس پنهنجي پوري علائقي جي مظلوم عوام جو آواز کي اعلي’ اقتداري ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو
رهندس انهيء موقعي تي سينئر صحافين حيات خاصخيلي ڄام مٺاخان راڄڙ غلام رسول بهڻ سيد علي غلام شاھ سيد لال خان شاھ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان اڄ هڪ جمهوري عمل مان گزريا آهيون اسان اتفاق راء سان ڪم ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ميرٽ سان پنهنجي پريس ڪلب جاعهديدار بنامقابلي منتخب ڪيا آھن
انشاء الله نئين چونڊيل صدر جي اڳواڻي ۾ مظلومن جو آواز هرپل هردم اٿاريندا رهنداسين ۽ علائقي جي فلاح بهبود لاء ڪم ڪندا رهنداسين اجلاس جي آخر ۾ دعاء خير گهري وئي ۽ نئين چونڊيل صدر علي اڪبر جوڻيجو طرفان تمام ميمبرن ۽ عهديدارن جي مان ۾ پارٽي منعقد ڪئي وئي جڏھن ته نئين چونڊيل باڊي کي شھر جي معززين پاران مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو هلندڙ آھي.
ڊسمبر 24, 2023