ٺٽو: اسلام آباد ۾ بلوچ نياڻين جي قافلي مٿان پوليس تشدد خلاف احتجاجي مظاھرو
ٺٽو(نظير احمد قريشي) بلوچستان کان لانگ مارچ کڻي اسلام آباد ويندڙ بلوچ نياڻين جي قافلي مٿان ٿيل پوليس ڪاھ، نياڻين تي بدترين تشدد ۽ گرفتارين خلاف ٺٽي جي بروهي برادري جي سڏ تي ٺٽي جي بروھي برادري پاران ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو
آزاد اصغر بروهي نظام بروهي جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ راول ڪرناڻي لاڙ عوامي فورم جي حيدر شورو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ياسر جاکرو امين بروهي يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ فهد ڪرناڻي سينيئر صحافي محبوب بروهي اقبال جاکرو شاهزين بلوچ، شاھجھان بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو ته بلوچستان جو عوام ظلم ۽ بربريت جو شڪار آھي
پنهنجي حقن ۽ پنهنجي پيارن لاء احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ سميت ٻين تي تشدد رياستي ناڪامي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هنن چيو ته احتجاج هر ماڻھوءَ جو بنيادي حق آھي
پر بلوچ نياڻين جي لانگ مارچ تي آڌي رات جو سيءَ ۾ ٿڌي پاڻي جا ڦوهارا وسائي عورتن کي تذليل جو نشانو بنائڻ ۽ معصوم ٻارن توڙي لانگ مارچ جي پانڌيئڙن مٿان بدترين تشدد ڪٿان جو انصاف آھي.
هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت انساني حقن جي تنظيمن کان اپيل ڪئي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري بلوچ ڀائرن ۽ ڀينرن کي تحفظ ڏياريو وڃي ۽ ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو.
ڊسمبر 23, 2023