سيوھڻ: بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ۾ ايڪتا ثقافتي ڏھاڙي جي تقريب ٿي گذري
سيوھڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سڄي سنڌ جيان سيوھڻ شريف ۾ به سنڌ جي ثقافت جي موقعي تي سيوھڻ شھر ۾ تقريبات جاري ۽ ساري آھن، ثقافت جي ڏينھن جي موقعي تي گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول تجر سيوھڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ڪلچر ڊي جي ھڪ شاندار پروقار تقريب ٿي گذري،
جنهن ۾ اسڪول جا شاگرد ,شاگردياڻيون ۽ استاد ۽ مھمانن شرڪت ڪئي، جڏھن تہ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ استادن ۽ مھمانن کي سنڌي ٽوپيون،
بوسڪي جي پٽڪن، لنگين ، اجرڪن ۽ ثقافتي ويس وڳا پائي ڀرپور ھن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن تہ ھن تقريب دوران ثقافتي، ۽ قومي گيتن تي شاگردن جھمريون هڻي رقص ڪندا رهيا، جڏھن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافت جي حوالي سان تقريرون پڻ ڪيون، سنڌ جي ثقافت بابت ڪجھ ڳالھايو، جڏھن ته اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا،
جڏھن تہ ثقافتي پروگرام ڪرڻ تي تجر اسڪول جي انتظاميه ۽ استادن ۽ شاگردن جي اھڙي پروگرام ڪرڻ تي سيوھڻ شھر خاص طور تي کوسه محله جي عوام ساراهيو آھي، ۽ اھڙي پروگرام ڪرڻ تي تجر اسڪول جي انتظاميه ۽ استادن ۽ شاگردن کي مبارڪباد پيش ڪئي آھي.
ڊسمبر 21, 2023