سيوھڻ: درگاه سيد متن شاه جي عرس جي دعوت منعقد
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ ڀرسان ايشاء جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ جي ڪنڌي تي قائم ڳوٺ شاھ حسن، درگاه سيد متن شاه بخاري جي،3 روزه عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاه جي گادي نشين سيد آصف علي شاه بخاري طرفان ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ لاء سيٺ بشير احمد ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ سندس پرين پيارن دوستن معزز مهمانن سردار غلام نبي مري، رئيس الله بخش ڀنڊ ،رئيس بھار خان مري ،رئيس الهداد اوٺو ، وڏيرو پٺاڻ خان اوٺو،رئيس ميرل خان لنڊ ۽ سائين اياز علي عمراڻي جن شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي سائين سيد آصف علي شاه بخاري طرفان ھن ميلي ۾ پري کان آيل معزز مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو ، ۽ معزز مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي سنڌي اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا، آيل معزز مهمانن طرفان درگاه سيد متن شاھ بخاري جي مزار تي چادر چاڙھي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاء دعائون پڻ گهريون ويون، جڏھن ته سيد متن شاھ بخاري جي ميلي ۾ ملاکڙو پڻ منعقد ڪيو ويو ھئو ، ۽ ملاکڙي ۾ ھنڌ ۽ سنڌ جا ملھ پلھوان آيل ھئا ، ملھ دوران ڪامياب ملھن کي ملاکڙي ۾ ويٺل معززين خوب داد ڏنو ،
جڏھن تہ ھن ميلي ۾ دوڪاندارن دوڪان ھڻي بازارن کي سينگاريو ويو،جڏھن ته ھن ميلي ۾ ڪيترن علائقن کان ميلي جا شوقين پھتل ھئا ، ھي ميلو 21-22-23 ڊسمبر تي لڳايو ويندو آھي ، جڏھن ته ميلي جو ملاکڙو پڻ ٽئين ڏينھن ھنيو ويندو آھي .
ڊسمبر 20, 2023