سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾ شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن سهولتڪارن جي ضمانت رد
سکر( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن سهولتڪارن جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي،
سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي وڏي ڀاءُ ۽ قتل ڪيس جي فريادي ڪرم الله مهر وڪيل قربان ملاڻو معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سکر دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون ڄاڻايل جوابدارن جي گذريل ٻڌڻي 12 ڊسمبر تي ضمانت منظور ڪئي، هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن سهولتڪار جوابدارن بخشل عرف بخشو مهر ۽ بابر مهر جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي،
ٻي طرف سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف 128 هين ڏينهن سکر پريس ڪلب ٻاهران هيومن رائيٽس اڳواڻ اقبال ڏيٿو، لالا اسد پٺاڻ، امداد بوزدار، شهزاد تاباڻي، احقر شاهه، مرتضيٰ جوڻيجو، خالد ٻانڀڻ، سليم سهتو ۽ ٻين ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ پنوعاقل، روهڙي، سنگرار، ڪنڌرا، ٻٻرلوءِ جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي نعريبازي ڪندڙ مظاهرين جو چوڻ هو ته سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر کي دهشتگردن گوليون هڻي قتل ڪيو، پر پوليس قتل ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ چار مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ تائين سمورن قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو،
قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار دريائي ڪچي ۾ ترسيل آهن، پر سکر ضلعي جي پوليس عدالتي حڪم باوجود جوابدرن کي قانون جي گرفت ۾ ناهي آندو، اهڙي ظلم خلاف صحافين طرفان احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي وئي آهي،
جنهن تحت 23 ڊسمبر تي سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي ۽ 6 جنوري 2024 تي سکر پريس ڪلب ۾ آل سنڌ جرنلسٽ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو، جيستائين سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي سمورن قاتلن کي زنده حالت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾نه ٿو آندو وڃي، تيستائين صحافين جي جدوجهد جاري رکي ويندي.
ڊسمبر 19, 2023