ٽنڊوڄام: زرعي يونيورسٽي ۾ ٽيچر ايسوسيئشن پاران ڪارو ڏينھن ملھايو ويو
ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام سنڌ يونيورسٽي جي استادن مٿان شاگردن پاران ايڪتا ريليون ڪڍڻ واري ڪيس ۾ ايف آئي آر درج ڪرڻ خلاف زرعي يونيورسٽي ۾ ٽيچر ايسوسيئشن پاران ڪارو ڏينھن ملھايو ويو،خبر موجوب
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن سائوٽا پاران ,فپواسا سنڌ جي ڪال تي سنڌ يونيورسٽي جي استادن سان يڪجھتي لاء اڄ ڪارو ڏينھن ملھايو ويو، ان موقعي تي سنڌ چيپٽر جي صدر ڊاڪٽر فھد نظير کوسو چيو ته پوليس طرفان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ٻنھي استادن سميت سمورن استادن کي خوفزده ڪرڻ لاءِ سندن نالا ڏنا ويا آھن.
ڊاڪٽر پسند علي کوسو ۽ ڊاڪٽر محمد يونس لغاري دنيا جي بھترين يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي ڪري پنھنجيون تعليمي ۽ تحقيقي ذميواريون نڀائي رھيا آھن. معزز استادن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سراسر ناانصافي آ. اسان وائيس چانسلر کان گھر ٿا ڪريون ته استادن مٿان ڪيس واپس ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سنڌ جي سمورين يونيورسٽن سميت پوري ملڪ جي يونيورسٽين تائين وڌايو ويندو. سائوٽا جي عھديدارن جو چوڻ آ استادن سان ٿيندڙ ناجائزن خلاف آواز اٿاريندا رھنداسين ۽ ھر ڏک , سک جي گھڙي ۾ سموري سنڌ جي استادن سميت پاڪستان جي استادن سان ساٿ جاري رکيو ويندو.
ڊسمبر 18, 2023