ڪرپشن ۾  پي ڊي اسڪارپ خيرپور پنهنجو مٽ پاڻ آھي: ڄام وحيد سھتو

Spread the love

سوڀوديرو تعلقه (رپورٽ: ميرخان منڱڻيجو) تعلقه سوڀوديرو جي يوسي رسول آباد جي ديھ رڪراڻي سان تعلق رکندڙ اسڪارپ کاتي جي ناجائزين خلاف متاثر آبادگار اڳواڻ ڄام وحيد سھتو اڄ ھتي سنڌ پريس ڪلب ھنڱورجا آفيس پھچي دانھيندي چيو ته اسڪارپ کاتي جون ناجائزيون ڪافي عرصي کان ناجائزيون جاري آھن

 سندن جي ناجائزين نااھلين سبب اسان جا فصل تباھ و برباد ٿي ويا جنھن سبب اسان کي لکين روپين جو مالي نقصان رسائي چڪا آھن پر انھن ڪرپشني عملدارن کي ڪو احساس ناھي مزڪوره ديھ اندر ڪافي آباگارن کي مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪندي کين کي ذھني پريشاني ۾ مبتلا ڪري مزڪوره راشي ڪرپٽ زميوار عملدار رات جي پيٽ ۾ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا پر کين خلاف ڪابه اعلي اختياري ايڪشن وٺڻ لاء تيار ناھي ۔ متاثر ڄام وحيد سھتو وڌيڪ چيو ته پي ڊي  اسڪارپ خيرپور ڪرپشن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آھي ۔

ٽيوب ويل نمبر E-55 E-56 ۽ سم نالو گذريل ٻارنهن سالن کان ناڪاره پيل ڪوبه سرڪاري ننڍو وڏو ملازم ھن وقت تائين  ظاهر ناهي ٿي سگھيو آھي ۔ سرڪاري مالڪي نه ٿيڻ تخت مزڪوره ٽيوب ويلن جا ٽرانسفارمر نامعلوم چور رات جي پيٽ ۾ لاھي ويا جنھن جي ڪنھن به اعلي اختياري ھن وقت تائين ھن معاملي اک ناھي کولي مزڪوره متاثرين آبادگارن پاران پنھنجي ذاتي خرچ تي ھڪ پنھنجي مدد پاڻ تحت مزڪوره ٽرانسفارمر لڳرايو ھيو

 پر سرڪاري سارسنڀال نه ھجڻ ڪري اهو ٽراسفارمر به چور لاهي ويا ۽ ان مسئلي بابت گذريل ٻن سالن کان آبادگارن ۽ پي ڊي خيرپور کي درخواستون ڏينداپيا اچون پر پوء به ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آھي ۔

 متاثرين آبادگارن پاران چيف انجنيئر ايريگيشن ڊولپمينٽ جي آفيس ڏانھن مزڪوره شڪايتن جي ازالي لاء وياسين ۽ لکت ۾ اھڙيون شڪايتون پيش ڪيوسين جنهن تي چيف انجنيئر so mottoتحت پي ڊي خيرپور کي آرڊر ڪيو ته وزٽ ڪري انڪوائري ڪري ۽ مسئلو حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي

 پر ان آرڊر کي مهينو گذري چڪو آ هن وقت تائين ڪو به عمل در آمد نه ٿيو آھي۔ متاثرين پاران وزير اعظم پاڪستان ۔ چيف جسٽس آف پاڪستان ۔ وزير اعلي سنڌ وزير آبپاشي سميت اعلي اختيارين کان پرزور اپيل ڪئي آھي

ته خدارا اسان جي ھن جائز ديرينه مسئلي ڏانھن خصوصي توجھ ڏئي ڪري مزڪوره نااھل عملدارن جي خلاف قانوني ايڪشن وٺي انصاف ڏياريندي مزڪوره ٽيوب ويلن ھلرائڻ وارو سلسلو شروع ڪرائي وڌيڪ مالي نقصان کان بچائي انصاف مھيا ڪيو وڃي.

ڊسمبر 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو