سکر: ايماندار  ۽ سٺي پوليس آفيسر  کي مقرر  ڪري علائقي ۾ امن  ڪرايو وڃي: علائقي واسي

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد علي  گل ڪلوڙ) هي راشي ڪرپٽ انچارج اعجاز سوناڻي انچارج آهي يا روينيو عملدار؟ مائيڪرو، قريشي ڳوٺ، اسلام ڪالوني، بروهي ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ هلندڙ سماجي براين وڌي ويون پوليس جي شعبي لاءِ اهڙيون ڪاريون رڍون شرم جو باعث بڻجي ويون آهن.

 سماجي رهنمائين پاران نوٽيس وٺڻ  جي اپيل  خبر موجب هي راشي   ڪرپٽ انچارج اعجاز سوناڻي   مقرر ٿيڻ  کان پوء

مائيڪرو، قريشي ڳوٺ، اسلام ڪالوني، بروهي ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ هلندڙ سماجي براين کي روڪڻ جي بجاءِ هي انهن کان ڀتو وصول ڪري سرپرستي ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

 علائقي ۾ ڀلي چورين جو آزار هجي، ماڻهن جي نه موٽرسائيڪل محفوظ هجي نه موبائيل فون، پر هي چوڪي انچارج صاحب ڪرمنلز کي ڏنڊو ڏيڻ بجاءِ سمورو ڏينهن هڪڙو سپاهي پاڻ سان گڏ کڻي اوڳاڙي ڪرڻ ۾ پورو هوندو.

پوليس جي شعبي لاءِ اهڙيون ڪاريون رڍون شرم جو باعث بڻجي ويون آهن. سماجي رهنمائين   ڊي آئي جي سکر  عبدالحميد کوسو  ۽ ايس ايس پي سکر   کي گذارش ڪئي  آهي

ته مائيڪرو، قريشي ڳوٺ، اسلام ڪالوني، بروهي ڪالوني ۽  ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سماجي براين جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ راشي ڀته خور  انچارج اعجاز سوناڻي کي في الفور هٽايو وڃي. ۽ ڪنهن ايماندار  سٺي آفيسر  کي مقرر  ڪري علائقي ۾ امن  ڪرائي.

ڊسمبر 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو